Book Name:Reham Dili Kesay Mili

ڇڏيندا هئا ۽ فرمائيندا هئا: ڪِول (Ant) جڏهن بکايل هوندي آهي ته مجبوراً رزق جي تلاش ۾ پنهنجي ٻرڙ کان ٻاهر نڪرندي آهي، پوءِ ڪڏهن ڪنهن جي پيرَ جي هيٺان اچي مري ويندي آهي يا ڪو جانور ان کي لتاڙي ڇڏيندو آهي، ايئن ويچاري موت جو شڪار ٿي ويندي آهي، مان پهريان ئي ڪِولِن جي سوراخن وٽ ماني وغيره رکي ڇڏيندو آهيان ته جيئن انهن کي ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت ئي پيش نه اچي، انهن کي گهر ۾ ئي انهن جو کاڌو ملي، ته نه اهي ٻاهر نڪرن، نه پاڻ کي خطري (Danger) ۾ وجهن. ([1])

   سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جو...!! انهن جي سوچ ڏسو! ڪهڙي نرالي هئي؟ هڪ ڪِول شايد پاڻ به پنهنجي لاءِ اهڙو اهتمام نه ڪندي هجي، جهڙو اهتمام حضرت علي خوّاص رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه انهن جي لاءِ ڪندا هئا، انهن جو کاڌو سندن گهر پهچائيندا ۽ انهن کي ممڪنه خطري کان بچائيندا هئا.

ٻين تي رحم دلي جو اعلٰي ترين مثال

  پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! ٻين تي شفقت ۽ مهرباني ۽ رحم دلي جو هڪ اعلٰي ترين مثال (Example) ٻڌون ٿا: اسان جا پير، پيرانِ پير، پير دستگير حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پاڻ به نهايت رحم دل، شفيق ۽ مهربان هئا، 546 سن هجري، رجبُ المُرجب جو مهينو هو، جمعي جي ڏينهن حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن بيان فرمايو، بيان جي دوران پاڻ فرمايائون: اي انسانو! مان توهان جي طرف صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا جي لاءِ متوجھ (Attentive) ٿيندو آهيان، منهنجي اندر توهان جي لاءِ اهڙي رحم دلي ۽ شفقت آهي جو جيڪڏهن ٿي سگهي ها ته مان توهان جي جڳھ توهان مان هر هڪ جي قبر ۾ مان خود لهان ها ۽ توهان جي طرف کان نَڪيرين کي جواب


 

 



[1]...  لواقح الانوار القدسیہ ،العہد السابع و السبعون بعد المائۃ ، جلد:1،صفحہ:574۔