Book Name:Reham Dili Kesay Mili

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون   

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                             صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

اُٺ تي مصطفٰي جي شفقت

   حضرت تميم داري رَضِىَ اللهُ عَنْه  صحابيءِ رسول آهن، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه 9 هجري ۾ ايمان قبول ڪيو، وڏا عبادت گذار هئا، تلاوتِ قرآن جو شوق رکندا هئا، سندن  معمول مبارڪ هو ته رات جو هڪ رڪعت ۾ پورو قرآنِ ڪريم ختم ڪري وٺندا هئا، حضرت تميم داري کي هي سعادت به ملي ته  سندن ئي سڀ کان پهريان مسجد نبوي شريف ۾ چراغان ڪيو. ([2])

   حضرت تميم داري رَضِىَ اللهُ عَنْه هڪ نهايت پياري حديثِ پاڪ روايت ڪئي آهي، فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن اسان بارگاھ رسالت ۾ حاضر هئاسين، ايتري ۾ هڪ اٺ (Camel) ڊوڙندو پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ ان ايندي ئي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مٿي


 

 



[1]... مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔

[2]... مرآۃ المناجیح، جلد:1، صفحہ:256۔