Book Name:Reham Dili Kesay Mili
ذات تي شفقت آهي، هي اسان جو پنهنجي ذات تي رحم آهي. ان رحم ۽ شفقت سان وڌيڪ ٻين تي رحم ڪرڻ، هي سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وراثت آهي.
حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام جي رحم دلي
الله پاڪ جا نبي حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام وڏا جلال وارا هئا ۽ ان سان گڏوگڏ نهايت ئي رحم دل به هئا، اعلانِ نبوت کان پهريان پاڻ ٻڪرين جي سار سنڀار ڪندا هئا، هڪ ڀيري ايئن ٿيو جو هڪ ٻڪري ڌڻ کان ڌار ٿي ڪري ڀڄي وئي، حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام ان کي پڪڙڻ جي لاءِ پٺيان تشريف کڻي ويا، ٻڪري ڀڄندي وئي، ڀڄندي وئي، ايستائين جو هڪ جڳھ ڪنڊيدار ٻوٽن ۾ وڃي ڦاٿي، هاڻي حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام جن ان کي ڪنڊن مان ڪڍيو، ان جي جسم ۾ ڪنڊا لڳي ويا هئا ۽ ٻڪري جي پٺيان ويندي ويندي حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام جا پيرَ مبارڪ به زخمي ٿي چڪا هئا پر قربان وڃو! حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام کي پنهنجي تڪليف جي ڪجھ پرواھ نه هئي، پاڻ ان ٻڪريءَ کي ڪلهن تي کنيائون، روئي چوندا وڃن پيا: اي ٻڪري! تو پاڻ کي به ٿڪايو، مون کي به ٿڪائي ڇڏيو، توکي منهنجو ته خيال نه هو، ڇا توکي پنهنجو به خيال نه آيو...!! ([1])
الله اڪبر! انبياءِ ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام جو شان ئي نرالو آهي. هن کي چوندا آهن پاڻ کان وڌيڪ ٻين تي رحم ڪرڻ. هي ڪهڙي شفقت ۽ رحمت آهي...!! ڪاش! اسان گناھ گار، سخت دل وارن کي به رحمت ۽ شفقت نصيب ٿي وڃي.
حضرت علي خوّاص رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تمام وڏا ڪامل ولي ٿي گذريا آهن، سندن گهر ۾ ڪِوليون نظر نه اينديون هيون، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو مبارڪ معمول هو ته پاڻ پنهنجي گهر ۾ ننڍن ننڍن سوراخن جي اڳيان کاڌو ۽ مانيءَ جا ٽڪرا رکي