Book Name:Reham Dili Kesay Mili

مدني قاعدو (Madani Qaida) موبائل ايپلي ڪيشن

   پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T  ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن به جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: مدني قاعدو (Madani Qaida) هن ايپلي ڪيشن ۾ مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جي آڊيو (Audio) شامل ڪئي وئي آهي يعني هن ايپلي ڪيشن ۾ توهان مدني قاعدي جي جنهن اکر يا جنهن لفظ تي ڪلڪ (Click) ڪندؤ، آڊيو ۾ ان جو تَلَفُّظ هلندو، ايئن هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان آسانيءَ سان مدني قاعدو پڙهي ڪري، ان جي مشق (Practice) ڪري درست مخارج ۽ ضروري تجويد سکي سگهجي ٿي. هي ايپلي ڪيشن پنهنجي اسمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري وٺو، پاڻ به فائدو حاصل ڪيو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ٽيلي ٿون (عطيات مهم) جي ترغيب

   پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدُلِله! دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ واري ديني تحريڪ آهي. الله پاڪ جي فضل سان دعوتِ اسلامي 80 کان وڌيڪ شعبه جات ۾ ديني خدمات انجام ڏئي رهي آهي * دعوتِ اسلامي هينئر تائين هزارين مسجدون، سوين فيضانِ مدينه (مدني مراڪز) بڻائي چڪي آهي * ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين (Boys & Girls) کي الڳ الڳ تعليمِ قرآن ڏيڻ جي لاءِ هينئر تائين تقريباً 6121 (6 هزار 121) مدرسةُ المدينه قائم ٿي چڪا آهن، جن ۾ تقريباً 112، 70، 2 (2 لک 70 هزار 112) ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي قرآنِ ڪريم حفظ ۽ ناظران جي مفت تعليم ڏني وڃي ٿي * نابينا ٻارن جي لاءِ به الڳ سان مدرسة المدينه قائم آهن. آغاز کان هينئر تائين تقريباً 4،39،940 (4 لک 39 هزار 940) ناظره ۽ حفظ قرآن مڪمل