Book Name:Reham Dili Kesay Mili

۾ آهي جنهن جي گهر  ۾ ڌيءُ پيدا ٿي ۽ اهو ان کي ايذاء نه ڏي ۽ نه ئي خراب سمجهي ۽ نه ئي پٽ کي ڌيءُ تي فضيلت ڏي ته الله پاڪ ان شخص کي جنّت ۾ داخل فرمائيندو. ([1]) (3): مسلم شريف جي روايت آهي: جنهن شخص تي ڌيئرن جي پرورش جو بارُ اچي وڃي ۽ اهو انهن سان حُسنِ سلوڪ (يعني سُٺو ورتاءُ) ڪري ته اهي ڌيئرون ان جي لاءِ جهنّم کان آڙ بڻجي وينديون. ([2])(4): هڪ ٻي حديث شريف ۾ پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڌيئرن تي رحم ۽ ڪرم ڪرڻ جو درس ڏيندي فرمايو: جيڪو بازار مان پنهنجي ٻارن جي لاءِ ڪا شيءِ آڻي ته اها انهن تي صدقو ڪرڻ وانگر آهي ۽ ان کي گهرجي ته ڌيئرن کان شروعات ڪري ڇوته جيڪو ڌيئرن کي خوش ڪري اهو خوفِ خدا ۾ روئڻ جي مثل آهي ۽ جيڪو خوفِ خدا ۾ روئي الله پاڪ ان کي جهنّم تي حرام فرمائي ڇڏيندو آهي. ([3])

ڌيئرن تي ايثار ڪرڻ واري نيڪ خاتون

مومنن جي ماءُ، حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: مون وٽ هڪ مسڪين عورت آئي جنهن سان گڏ ان جون ٻه ڌيئرون به هيون مون ان کي ٽي کجورون ڏنيون ان ٻنهي ڌيئرن کي هڪ هڪ کجور ڏني پوءِ جنهن کجور کي ان پاڻ کائڻ چاهيو ٿي ان جا ٻه ٽڪرا ڪري اها کجور به انهن يعني ٻنهي ڌيئرن کي کارائي ڇڏي. مون کي ان واقعي سان تمام گهڻو تعجب ٿيو مون نبيءِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جي بارگاھ ۾ انهيءَ خاتون جي ايثار جو ذڪر ڪيو ته سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: الله پاڪ انهيءَ ايثار جي سبب ان عورت جي لاءِ جنّت واجب ڪري ڇڏي آهي.([4])  

ماشآء الله! ايثار جي به ڇا ڳالھ آهي! ڪاش اسان به پنهنجي پسند جون


 

 



[1]... مستدرك، كتاب البر والصلة، باب من كن له ثلاث بنات ، جلد:5، صفحہ:248، حدیث:7428۔

[2]... مسلم، كتاب البر والصلة والآداب، باب فضل الاحسان الى البنات،صفحہ:1014، حدیث:2629۔

[3]... مكارم الاخلاق للخرائطى، باب العطف على البنات،جلد:3، صفحہ:303، حدیث:759۔

[4]... مسلم، كتاب البر والصلة والآداب، باب فضل الاحسان الى البنات،صفحہ:1014، حدیث:2630۔