Book Name:Reham Dili Kesay Mili

اسان جي نسل کي ئي ٿيندو. لهٰذا همت ڪيو! دل کولي راھِ خدا ۾ خرچ ڪيو! دعوت اسلامي جو ساٿ ڏيو! الله پاڪ چاهيو ته دين ۽ دنيا جون برڪتون نصيب ٿينديون. الله پاڪ اسان کي دين جي خدمت ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.  آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

دعوتِ اسلامی کی قَیُّوم، سارے جہاں میں مچ جائے دُھوم

اس پہ فِدا ہو بچہ بچہ یااللہ! مری جھولی بھر دے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!               جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

جانورن تي رحم ڪرڻ سنّتِ مصطفٰي آهي

  2 فرامينِ مصطفٰي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : (1): توهان هنن بي زبان جانورن جي باري ۾ الله پاڪ کان ڊڄو هنن تي ان وقت سوار ٿيندا ڪيو جڏهن اهي  چڱي حالت ۾ هجن ۽ انهن کي سُٺي طرح کارائيندا ڪيو. ([2]) (2): هر روح واري تي  شفقت جو اجر ملندو آهي. ([3])

اي عاشقانِ رسول! جانورن تي رحم ڪرڻ سنّتِ مصطفٰي آهي * پاڻ


 

 



[1]...تاریخ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2]...ابوداؤد، کتاب:جہاد، صفحہ:408، حدیث:2548۔

[3]...بخاری، کتاب :مظالم وغصب صفحہ:635، حدیث:2466۔