Book Name:Reham Dili Kesay Mili

323 کان 324 تي آهي: انسان ناحق ڪنهن چوپائي کي ماريو يا ان کي اڃايل بکايل رکيو ان کان طاقت کان وڌيڪ ڪم ورتو ته قيامت جي ڏينهن ان کان انهيءَ مثل بدلو ورتو ويندو جيڪو ان جانور تي ظلم ڪيو يا ان کي بکايل رکيو. ان تي هي حديث پاڪ دلالت ڪري ٿي: پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جهنّم ۾ هڪ عورت کي هن حال ۾ ڏٺو ته اها لڙڪيل آهي ۽ هڪ ٻلي ان جي چهري ۽ سيني کي پٽي رهي آهي ۽ ان کي ايئن ئي عذاب ڏئي رهي آهي جيئن ان (عورت) دنيا ۾ قيد ڪري ۽ بکايل رکي ڪري ان ٻليءَ کي تڪليف ڏني هئي. ([1]) هن روايت جو حڪم تمام جانورن جي حق ۾ عام آهي.

پکين قبر تي شور مچائي ڇڏيو

  امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: هڪ شخص پکين جو واپاري هو، اهو پکين کي ٻڌي ڪري رکندو ۽ انهن کي تڪليف پهچائيندو هو، جڏهن ان شخص جو انتقال ٿي ويو ته ان جي جنازي تي ڪافي پکي جمع ٿي ويا ۽ انهن شور مچائڻ شروع ڪري ڇڏيو، جڏهن ان شخص کي قبر ۾ لاٿو ويو غيب مان هڪ آواز آيو: اي پکيؤ! توهان ڪيستائين شور ئي مچائيندا رهندؤ...!! اسان هي شخص توهان جي حوالي ڪري ڇڏيو. ([2])

 الامان والحفيظ! پيارا اسلامي ڀائرو! اهي نادان جيڪي پکين ۽ ويچارن بي زبان جانورن تي ظلم ڪن ٿا، يا جنهن کي جانور پالڻ جو شوق ته هوندو آهي پر انهن کي کاڌو پاڻي پورو ناهن ڏيندا، انهن تي ترس نه آهن کائيندا، انهن کي اجايو تڪليف پهچائيندا آهن، ايئن ئي وڏي عيد جي موقعي تي جيڪي قاصائي لالچ ۾ اچي ڪري جلد بازي ۾ جانورن کي ناحق تڪليف پهچائيندا آهن، ذبح ۾ جيتريون رڳون ڪٽڻ ضروري آهن، ڄاڻي واڻي ڪري ان


 

 



[1]...بخاری،کتاب المساقاۃ،باب فضل سقی الماء،صفحہ:610،حدیث:2364مفہوماً۔

[2]...سلوۃ العارفین، جلد:2، صفحہ:13۔