Book Name:Reham Dili Kesay Mili

لِّلعالمين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو امّتي هجڻ جي تقاضا (Requirement) آهي ته اسان به رحم دل بڻجون، پيار، محبت، ڀائيچارو، احسان ۽ مهرباني وارا جذبات دل ۾ وڌايون. پنهنجي وقت جي وڏي امام، امام عبدُ الوهاب شعراني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان جي باري ۾  نهايت پيارا مدني گُلَ ڏنا آهن:

(1): سڀني جي لاءِ رحم دل ٿي وڃو...!!

  پاڻ فرمائن ٿا: رسولِ رحمت، شفيعِ امّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي طرفان تمام مسلمانن کي هيءَ نصيحت آهي ته اسان شريعت جي دائري (Realm) ۾ رهي ڪري تمام مخلوق تي رحم ۽ شفقت ڪيون. ([1])

  يعني ڪا به شيءِ هجي، انسان هجي، جانور هجي، رڍ، بڪري، ڍڳي، ننڍڙيون ننڍڙيون ڪِوليون، مک، مڇر (Mosquitoes) پکي، مطلب ته تمام مخلوقات تي رحم ۽  شفقت ڪرڻي آهي، هي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هر اُمتي جي لاءِ نصيحت آهي.

جنّت ۾ وڃڻ جي لاءِ رحم دلي ضروري آهي

   حضرت ابو موسٰي اَشعري رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، ٻنهي جهانن جي لاءِ رحمت، صاحبِ ڪوثر ۽ مالڪِ جنّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: لَا تَدْخُلُوا الْجَنَّۃَ حَتّیٰ تَرَاحَمُوْا يعني توهان ان وقت تائين جنّت ۾ داخل نٿا ٿي سگهو، جيستائين پاڻ ۾ رحم دل نه ٿي وڃو. صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جن عرض ڪيو: يا رسولَ الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! کُلُّنَا رَحِیْمٌ يعني اسان سڀ ئي رحم ڪرڻ وارا آهيون. فرمايائون: مطلب هي نه آهي ته توهان مان ڪو پنهنجي دوست تي رحم ڪري بلڪه هن مان مُراد رحمتِ عامه آهي (يعني تمام انسان، جانور، مک،


 

 



[1]... لواقح الانوار القدسیۃ، جلد:1، صفحہ:575۔