Book Name:Reham Dili Kesay Mili

شيون ايثار ڪرڻ سکي وڃون! هن روايت مان هي به معلوم ٿيو ته  ڌيئرن سان نيڪ سلوڪ ڪرڻ، پنهنجي پسند جون شيون انهن جي لاءِ ايثار ڪرڻ وڏي فضيلت جو ڪم آهي. الله پاڪ اسان سڀني کي توفيق عطا فرمائي، ڪاش! اسان به پنهنجي ٻارن سان پيار ڪرڻ وارا، خاص طور ڌيئرن تي شفقت ۽ مهرباني ڪرڻ وارا بڻجي وڃون. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

بیٹیاں تو رب کی رحمت ہوتی ہیں                    یہ انعام خُدا کا، یہ تو نعمت ہوتی ہیں

ان سے آنگن گھر کا مہکے                            سارا گلشن ان سے چہکے

بابا کی یہ آنکھ کا تارا                               ماں کے دِل کی زینت ہوتی ہیں

بیٹیاں تو رب کی رحمت ہوتی ہیں                    یہ انعام خُدا کا، یہ تو نعمت ہوتی ہیں

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

رحم دلي جي باري ۾ مبارڪ حديثون

(1): بخاري شريف جي حديث پاڪ آهي، پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: لَا يَرْحَمُ اللَّهُ مَنْ لاَ يَرْحَمُ النَّاسَ جيڪو ماڻهن تي رحم ناهي ڪندو الله پاڪ ان تي رحم ناهي فرمائيندو. ([1]) (2): هڪ حديث پاڪ ۾ فرمايائون: الرَّاحِمُونَ يَرْحَمُهمُ الرَّحْمٰن جيڪي رحم ڪرڻ وارا آهن، الله رحمٰن انهن تي رحم فرمائيندو آهي. ([2]) (3): پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: لَا تُنْزَعُ الرَّحْمَۃُ اِلّا مِنْ شَقِیٍّ يعني رحمت ناهي ڪڍي ويندي پر بدبخت (جي دل) مان. ([3])


 

 



[1]... بخاری،کتابُ التوحید ،صفحہ:1782، حدیث:7376۔

[2]...ابو داؤد، کتاب الادب،باب الرحمۃ، صفحہ:774، حدیث:4941۔

[3]...ابو داؤد، کتاب الادب،باب الرحمۃ، صفحہ:774، حدیث:4942۔