Book Name:Reham Dili Kesay Mili

سان ڦري رهي هئي. اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فوراً معاملو سمجهي ويا، فرمايائون: ڏسو هي ڪِيول پنهنجي قبيلي کان وچڙي وئي آهي. ڪِيول هميشه پنهنجي قبيلي سان گڏ رهندي آهي ان ڪري  بيقرار آهي. براءِ مهرباني  ڪو اسلامي ڀاءُ ان کلَ کي ڪِيول سميت کڻي وڃن ۽ واپس اتي وڃي رکي اچن جتان کان کنيو ويو آهي، ايئن اها کلَ ڪِيول سميت پنهنجي جڳھ تي پهچائي وئي. ([1])

ڪِولين جي هٽڻ جو انتظار

اهڙيءَ طرح هڪ دفعي اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ واش بيسن (Washbasin) تي هٿ ڌوئڻ جي لاءِ پهتا پر بيهي رهيا، پوءِ ارشاد فرمايائون ته واش بيسن ۾ ڪجھ ڪِوليون هلي رهيون آهن، جيڪڏهن مون هٿ ڌوتا ته هي پاڻي ۾ ٻڏي ڪري مري وينديون، لهٰذا ڪجھ دير انتظار فرمائڻ کان بعد جڏهن ڪِوليون اڳتي پوئتي ٿي ويون ته پوءِ پاڻ هٿ ڌوتائون. ([2])

سبحان الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هي الله وارن جا مبارڪ انداز آهن...!! الله ڪري ته اسان کي به رحم دلي نصيب ٿي وڃي.

رحم دلي ڪيئن ملي...؟

اسان کي رحم دلي ڪيئن ملندي؟ ان جي لاءِ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي! * سڀ کان پهريان گناھ ڇڏي ڏيون، سچي پڪي توبھ ڪيون. ڇوته گناھ ڪرڻ سان دل سخت ٿي ويندي آهي، رحم دلي جا جذبات دل مان نڪري ويندا آهن * نيڪ اعمال ڪثرت سان ڪندا ڪيون جو نيڪين جي برڪت سان دل صاف ٿيندي آهي، دل ۾ نرمي پيدا ٿيندي آهي. خاص طور قرآنِ ڪريم جي تلاوت


 

 



[1]... تعارف امیرِ اہلسنت، صفحہ:44۔

[2]... تعارف امیرِ اہلسنت، صفحہ:45۔