Book Name:Reham Dili Kesay Mili

وارن جي لاءِ به ۽ ان جي لاءِ به جنهن ايمان نه آندو. مومن جي لاءِ ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾ رحمت آهن ۽ جنهن ايمان نه آندو ان جي لاءِ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دنيا ۾ رحمت آهن جو جانِ عالَم، نورِ مُجَسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي ۾ ان جي لاءِ دنياوي  عذاب کي مُؤخَّر ڪيو ويو، ان تان زمين ۾ ڌٻائڻ ۽ شَڪليون بگاڙي ڇڏڻ جو عذاب کنيو ويو. ([1])

   اعلٰي حضرت، امامِ اهلِ سنّت، شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: عالَم ماسواءِ الله کي چوندا آهن (يعني الله پاڪ کان علاوه جيڪو ڪجھ آهي، سڀ عالَم آهي)، ان ۾ انبياء ۽ ملائڪ سڀ داخل آهن،  ته لازمي طور تي حضور پُر نور، سيدُ المرسلين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن سڀني لاءِ رحمت ۽ نعمت ٿيا ۽ اهي سڀ حضور جي سرڪار کان فيضياب پڻ ٿيا. ([2])

وہ نبیوں میں رحمت لقب پانے والا                 مرادیں غریبوں کی بر لانے والا

مصیبت میں غیروں کے کام آنے والا              وہ اپنے پرائے کا غم کھانے والا

فقیروں کا ملجا، ضعیفوں کا ماوٰی،                      یتیموں کا والی، غلاموں کا مولا

خطا کار سے درگزر کرنے والا                        بداندیش کے دِل میں گھر کرنے والا

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

اُمّتي هجڻ جي تقاضا

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رَحۡمةُ لِّلعالمين (يعني تمام جهانن جي لاءِ رحمت) آهن ۽ اسان سندن امّتي. رَحۡمةُ


 

 



[1]... تفسیر خازن، پارہ :17، سورۂ انبیاء، تحت الآیۃ:107، جلد:3، صفحہ:246۔

[2]... فتاوی رضویہ، جلد:30، صفحہ:141بتغیر قلیل۔