Book Name:Reham Dili Kesay Mili

ڪِول وغيره سڀني جي لاءِ رحم دل ٿي وڃو). ([1])

(2): رحم دلي جي مِقدار ڪيتري هجي...؟

اي عاشقانِ رسول! اسان کي تمام مخلوق تي رحم ته ڪرڻو آهي، انهن سان احسان (Kindness) ۽ ڀلائي وارو معاملو ته ڪرڻو آهي، پر ذهن ۾ سوال ايندو آهي ته رحم دلي جي مقدار ڪيتري هجڻ گهرجي؟ اسان ٻين تي ڪيتري حد تائين رحم ڪيون؟ امام شعراني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مخلوق ۾ هر هڪ پنهنجي حق ۾ جيترو رحم دل هوندو آهي، اسان ان جي حق ۾ ان کان به وڌيڪ رحم دل  (Kind Hearted) ٿي وڃون، هيءَ وراثتِ  مصطفٰي آهي. ([2])

الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول! اسلام جو حسن ڏسو! اسلام اسان کي صرف رحم دلي جي تعليم ناهي ڏيندو بلڪه اسلام هي چوندو آهي ته الله پاڪ جي ڪا مخلوق پاڻ پنهنجي حق ۾ جيتري رحم دل آهي، توهان ان کان وڌيڪ ان تي رحم دل ٿي وڃو! سُبْحٰنَ اللہ!

اسان مان شايد کوڙ سارن کي هي تجربو (Experience) هوندو ته اسان پنهنجي پاڻ کي چماٽَ هڻون ته ايڏو زور سان نه هڻي سگهنداسين، جيڏو زور سان ٻين کي هڻي سگهون ٿا. تجربو ڪري ڏسي وٺو! ماڻهو هٿ کڻي ڪري، پنهنجي پوري زور سان ڇڪي ڪري پاڻ کي چماٽ هڻي، پٺيان کان هٿ گهڻو تيز ايندو پر ويجهو اچي ڪري پاڻهي آهسته ٿي ويندو، مطلب ته اسان پاڻ کي  سڄي زور سان چماٽ نه هڻي سگهنداسين. ڇو؟ ان ڪري جو اسان کي درد ٿيندو آهي، خبر آهي ته ٿڦڙ لڳندو ته درد ٿيندو، ان ڪري هٿ پاڻهي رڪجي ويندو آهي، هي اسان جي پنهنجي


 

 



[1]... مستدرک، کتاب البر والصلۃ، جلد:4، صفحہ:282، حدیث:7389۔

[2]... لواقح الانوار القدسیہ ،العہد السابع و السبعون بعد المائۃ ، جلد:1،صفحہ:573۔