Book Name:Reham Dili Kesay Mili

وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان سُتون تي ٽيڪ لڳائي ڪري خطبو ڏيندا هئا. پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لاءِ ڪاٺ جو منبر بڻايو ويو، جمعي جو ڏينهن هو، پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مسجد ۾ تشريف کڻي آيا، منبر تي تشريف فرما ٿيا ته اوچتو ڪنهن جي روئڻ جو آواز اچڻ لڳو (جيئن ڪو ٻار سڏڪا ڀري روئي رهيو هجي)، ڏٺو ويو ته اهو ئي کجيءَ جي سُڪل ستون هو جنهن سان ٽيڪ لڳائي ڪري مديني وارا ميرَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خطبو ڏيندا هئا، مصطفٰي جي جُدائي ۾ سُڏڪا ڀري روئي رهيو هو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ان جو روئڻ ڏسي نه سگهيا، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ منبر مبارڪ تان هيٺ لٿا، ان ستون جي ويجهو تشريف کڻي آيا، ان تي شفقت جو هٿ رکيائون،  بخاري شريف ۾ الفاظ آهن ته رحمتِ عالَم، نورِ مُجسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان ستون کي چپ ڪرائڻ جي لاءِ سيني سان لڳائي ورتو، هاڻي ڇا هو، جيئن روئيندڙ ٻار کي ماءُ سيني سان لڳائي آهي ته اهو ننڍا ننڍا سڏڪا ڀرڻ لڳندو آهي، اهو ستون به ايئن ئي سڏڪا ڀرڻ لڳو، ايستائين جو چپ ٿي ويو. ([1])

 سبحان الله! هي آهي رحمتِ عامه، سڀني تي رحمت، سڀني تي شفقت...!! ڪاش! رحمتِ عالَم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ان رحمت ۽ شفقت جو هڪ قطرو  به اسان کي نصيب ٿي وڃي، ڪاش! اسان به رحم دل بڻجي وڃون.

رحم دلي ۽ اسان جو حال بي حال

هاءِ! اسان جو حال بي حال آهي، هاڻي ته اسان جون دليون اهڙيون سخت ٿي ويون آهن جو جمادات ته پري جي ڳالھ آهي، جيئري جاڳندي جانورن تي رحم ناهي ايندو بلڪه جانور ته جانور آهي، انسانن تي به ڪنهن کي رحم نه ٿو اچي بلڪه هاڻي ته معاملو ان کان به اڳتي نڪري ويو آهي، غيرن تي رحم ڪير ڪري، هاڻي ته انسان وحشت ۽ ظلم ۾ زمانهءِ جاهليت جا مثال دُهرائي رهيا


 

 



[1]... بخاری، کتاب  المناقب، باب علامات النبوۃ، صفحہ:913، حدیث:3585۔