Book Name:Reham Dili Kesay Mili

خان صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪيڏي پياري ڳالھ لکن ٿا:

ڈھونڈا ہی کریں صَدْرِ  قیامت کے سپاہی              وہ کس کو مِلے جو تیرے دامن میں چھپا ہو

وضاحت: يا رسولَ الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! قيامت جي ڏينهن جنهن خوش نصيب کي اوهان جي دامنِ رحمت، دامنِ شفاعت ۾ پناھ ملي ويندي، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! اهو جنّت ۾ پهچي ويندو.

اُٺ به بارگاھِ رسالت ۾ پناھ گهري ته سبحان الله! رحمتِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو نرالو شان ڏسو! پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اٺ جو فرياد به ٻُڌو، ۽ ان کي پناھ به عطا فرمائي ۽ ان کي خريد ڪري آزاد به فرمائي ڇڏيو.

پيارا آقا رَحۡمَةُ لِّلۡعَالَمِيۡن آهن

  سيپارو: 17، سورة انبيا، آيت: 107 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ مَاۤ  اَرۡسَلۡنٰکَ اِلَّا رَحۡمَۃً  لِّلۡعٰلَمِیۡنَ (۱۰۷)   (سيپارو: 17، سورة انبياء، آيت: 107)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اسان اوهان کي تمام جهانن جي لاءِ رحمت بڻائي ئي موڪليو آهي.

   تفسير صراط الجنان ۾ آهي: تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نبين، رسولن ۽ فرشتن جي لاءِ رحمت آهن * دين ۽ دنيا ۾ رحمت آهن، جِنن ۽ انسانن جي لاءِ رحمت آهن * مومن ۽ ڪافر جي لاءِ رحمت آهن * حيوانات، نباتات ۽ جمادات (يعني بي جان شين) جي لاءِ رحمت آهن، مطلب ته: عالَم ۾ جيتريون شيون داخل آهن، سيّدُ الۡمُرسلين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن سڀني جي لاءِ رحمت آهن.([1]) سلطانُ المُفَسرين، صحابيءِ رسول حضرت عبدُ الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمائن ٿا: حضورِ اڪرم، نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو رحمت هجڻ عام آهي، ايمان


 

 



[1]... تفسیر صراط الجنان، پارہ :17، سورۂ انبیاء، تحت الآیۃ:107، جلد:6، صفحہ:386۔