Book Name:Reham Dili Kesay Mili

کان وڌيڪ ڪَٽي وجهندا آهن، جانور جي ٿڌي ٿيڻ کان پهريان ئي ان جي کلَ لاهي ڪري يا ڪنڌ ڀڃي ڪري يا دل جون رڳون ڪٽي ڪري ان کي ناحق تڪليف پهچائيندا آهن، انهن کي ڊڄي وڃڻ گهرجي، هاءِ افسوس! جيڪڏهن قيامت جي ڏينهن هي بي زبان جانورَ! ان ظالم شخص تي مُسَلَّط ڪيا ويا ته ڇا بڻبو...؟ لهٰذا اڄ موقعو آهي، اسان رڪجي وڃون، الله نه ڪري جيڪڏهن ڪنهن بي زبان کي تڪليف پهچائي آهي ته ان کان توبھ ڪيون. ڪاش! اسان رحم دل بڻجي وڃون.

نيڪ ڪير هوندو آهي...؟

 الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ فرمائي ٿو:

اِنَّ  الۡاَبۡرَارَ لَفِیۡ نَعِیۡمٍ (ۙ۲۲)  (سيپارو: 30، سورة مطففين: آيت: 22)

ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ نيڪ ماڻهو ضرور سڪون ۾ هوندا.

هن آيت ڪريمه جي  تفسير ۾ امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: نيڪ ٻانها اهي آهن جيڪي ڪِولِن کي به تڪليف ناهن ڏيندا. ([1])

الله پاڪ اسان کي به نيڪ ٻانهو بڻجڻ جي توفيق عطا فرمائي.آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

بيقرار ڪِيول

  الحمد لله! اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ تمام رحم دل انسان  آهن، پاڻ انسان ته انسان، ڪنهن جانور کي به بنا سبب جي تڪليف ناهن پهچائيندا. هڪ ڀيري سندن خدمت ۾ ڪيلا (Bananas) پيش ڪيا ويا. انهن مان هڪ ڪيلي تي هڪ ڪِيول وڏي  بيقراري


 

 



[1]...تفسیر حسن بصری، جلد:5، صفحہ:264، غصے کا علاج، صفحہ:27۔