Book Name:Reham Dili Kesay Mili

سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جانورن تي وڏي شفقت فرمائيندا هئا * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جانور جو فرياد ٻڌندا ۽ انهن جي مدد پڻ فرمائيندا هئا * هڪ ڀيري پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن هڪ اٺ جي فرياد تي ان جي مالڪ کي فرمايو: تون هن کي بکايل رکندو آهين ۽ ڪم گهڻو وٺندو آهين ([1]) * جيڪڏهن ڪو جانور کي تڪليف ڏيندو هو ته پاڻ سڳورا  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کان ناراض ٿيندا هئا * پاڻ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جانورن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ، انهن کي ٻڌي ڪري مارڻ، انهن جو مُثله بڻائڻ (چهرو بگاڙڻ) کان منع فرمائيندا هئا.([2])

ہرن نے، اونٹ نے، چڑیوں نے کی یہی فریاد               کہ ان کے غم کا مداوا حضور جانتے ہیں

الله پاڪ اسان کي به سنّتِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي عمل ڪندي جانورن تي شفقت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سَفر به آهي.

غم کے بادَل چَھٹیں قافلے میں چلو                   خوب خوشیاں ملیں قافلے میں چلو

رب کے در جُھکیں، اِلتِجائیں کریں                  بابِ رحْمت کھلیں، قافلے میں چلو

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!             صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد



[1]... ابوداؤد، کتاب:جہاد، صفحہ:408، حدیث:2549 خلاصۃً۔

[2]...سیرت رسول عربی، صفحہ:332تا 335ملتقطاً۔