Book Name:Reham Dili Kesay Mili

ٿيندي، لهٰذا نيڪ، نرم دل، رحم دل ماڻهن جي صحبت اپنايو اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! رحم دلي جي نعمت ملي ويندي.

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال

 پيارا اسلامي ڀائرو! دنيا ۽ ان جي عيش ۽ عشرت کان جان ڇڏرائڻ، زُهد و تقوٰي جي نعمت ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪم به خوب ذوق ۽ شوق سان ڪندا ڪريو اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون بي شمار ڀلايون نصيب ٿينديون. ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم نيڪ اعمال جو رسالو به آهي. هي مختصر رسالو مڪتبةُ المدينه کان حاصل ڪيو ۽ چاهيو ته دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ (www.dawateislami.net) تان ڊاؤن لوڊ ڪري وٺو بلڪه وڌيڪ آساني چاهيو ٿا ته پنهنجي موبائل ۾ Naik Amal ايپليڪيشن انسٽال ڪري وٺو، ان ۾ مختلف نيڪ اعمال تي مشتمل سوالات ڏنا ويا آهن، هر سوال جي هيٺان 30 خانا آهن، روزانو پنهنجي مرضيءَ جو ڪوبه وقت مقرر ڪري پنهنجي اعمال جو جائزو وٺو، ۽ ان جي مطابق زندگي گذاريو، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ان جي برڪت سان گناھن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جو ذهن بڻبو، دل کي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردار صاف سٿرو ۽ خوبصورت ٿي ويندو. اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

سڄو گهراڻو سُڌري ويو

   ضلع اٽڪ (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي، مان گناھن ڀري زندگي گذاري رهيو هيس، فلمون ڏسڻ، آوارا گردي ڪرڻ، نمازون  قضا ڪرڻ وغيره منهنجي معمولات ۾ شامل هو، هڪ ڀيري اسان جي علائقي ۾