Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab

مون کي سٺي رنگت ۽ خُوبصُورت چمڙي پسند آهي. هي ٻڌي ڪري ملائڪ اُن جي جسم تي هٿ ڦيريو ته ان جي اها بيماري ختم ٿي وئي ۽ اُن جي رنگت سٺي ۽ جِلد خُوبصُورت ٿي وئي۔ ملائڪ ٻيهر ان کان پڇيو: توکي ڪهڙو مال وڌيڪ پسند آهي؟ ان چيو: مون کي اُٺ پسند آهن. انهيءَ وقت ان کي هڪ حامله ڏاچي ڏني وئي ۽ ملائڪ دُعا ڏني: الله پاڪ توکي ان ۾ برڪت ڏئي۔

  ان کان پوءِ اهو ملائڪ گنجي وٽ آيو، ان کان پڇيائين: توکي ڪهڙي شيءِ سڀ کان وڌيڪ پسند آهي؟ اُن چيو: مون کي خُوبصُورت وار وڌيڪ پسند آهن ۽ مان چاهيان ٿو ته منهنجي اها گنجاڻ ختم ٿي وڃي، ڇو ته اِن جي ڪري ماڻهو مون کي حقيرسمجهن ٿا۔ ملائڪ ان تي هٿ ڦيريو ته ان جو گنجاڻ ختم ٿي وئي ۽ اُن کي خُوبصُورت وار عطا ڪيا ويا، پوءِ ملائڪ ان کان پڇيو: تو کي ڪهڙو مال وڌيڪ پسند آهي؟ ان چيو: مون کي ڳئون وڌيڪ پسند آهي۔ پوءِ ان کي هڪ ڍُڪي ڳئون ڏني وئي ۽ ملائڪ ان جي لاءِ به دُعا ڪئي ته الله پاڪ  تو لاءِ هن ۾ برڪت ڏئي۔

  هاڻي اهو ملائڪ نابين وٽ آيو ۽ اُن کان به پڇيائين ته توکي ڪهڙي شيء سڀ کان وڌيڪ پسند آهي؟ ان چيو: مون کي هي پسند آهي ته الله پاڪ مون کي اکين جو نور عطا ڪري ته جيئن مان ماڻهن کي ڏسي سگھان۔ ملائڪ ان تي هٿ ڦيريو ته الله پاڪ ان کي اکين جي روشني عطا ڪري ڇڏي۔ پوءِ ان کان پڇيائين: توکي ڪهڙو مال وڌيڪ پسند آهي؟ ان چيو: ٻڪريون۔ پوءِ ان کي هڪ ڍُڪي ٻڪري ڏني وئي.

 الله پاڪ انهن ٽنهي جانورن ۾ گهڻي برڪت عطا فرمائي. هاڻي ڏاچي، ڳئون ۽ ٻڪريءَ ڦَرَ ڄڻڻ شروع ڪيا، ڪجھ ئي عرصي ۾ انهن ٽنهي جي جانورن ۾ ايترو اِضافو ٿيو جو انهن جانورن سان ميدان ڀرجي ويو.