Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab

     ڪجھ عرصي کان بعد اهي ٽئي تمام مالدار ٿي چڪا هئا، پوءِ ملائڪ اُن بَرَص (يعني ڪوڙھ) جي مَرَض واري وٽ ان جي پهرين صُورت يعني بَرَص جي حالت ۾ آيو ۽ ان کي چيائين: مان هڪ غريب ۽ مسڪين آهيان، ۽ منهنجو سامان ختم ٿي ويو آهي، واپس وڃڻ جي ڪا صُورت نظر نه پئي اچي، پر الله پاڪ  جي رحمت مان اُمّيد آهي ۽ مان تنهنجي مَدَد جو طَلَبگار آهيان۔ جنهن ذات توکي خُوبصُورت رنگت ۽ جِلد ۽ ايتري قدر مال عطا ڪيو آهي، مان توکي ان جو واسطو ڏيان ٿو ته مون کي هڪ اُٺ ڏئي ڇڏ ته جيئن مان پنهنجي منزل تائين پهچي سگھان، اهو ٻڌي اُن شخص منع ڪندي چيو ته مون تي پهريان ئي گھڻيون ذِمّيداريون ۽ حق آهن۔ ملائڪ چيو: مون کي ائين لڳي ٿو ته مان توکي سڃاڻان ٿو، ڇا تُون اهو ئي نه آهين جنهن کي ڪوڙھ جي بيماري هئي ۽ ماڻهو تو کان نفرت ڪندا هئا ۽ تون فقير ۽ محتاج هئين، پوءِ الله پاڪ تو کي مال عطا ڪيو۔ ان چيو: مون کي ته هي سڄو مال وِراثت ۾ مليو آهي ۽ نسل دَر نسل اهو مال مون تائين پهتو آهي۔ ملائڪ چيو: جيڪڏهن تون پنهنجي هن ڳالھ ۾ ڪوڙو آهين ته الله پاڪ  تو کي اهڙو ئي ڪري جھڙو تون پهرين هئين.

   اهڙيءَ طرح پوءِ اهو ملائڪ گنجي وٽ اُن جي پهرين صُورت ۾ آيو ۽ اُن سان به اها ئي ڳالھ چئي جيڪا بَرَص واري سان چئي هُيائين۔ ان به بَرَص واري وانگر جواب ڏنو۔ ملائڪ چيو: جيڪڏهن تون پنهنجي ڳالھ ۾ ڪوڙو آهين ته الله پاڪ  توکي تنهنجي پهرين واري حالت ۾ موٽائي ڇڏي۔

    پوءِ ملائڪ نابين وٽ ان جي پهرين واري حالت ۾ آيو ۽ چيائين: مان هڪ مسڪين ۽ مسافر آهيان ۽ منهنجو سامان ختم ٿي ويو آهي۔ اهڙي حالت ۾ پنهنجي منزل تائين نٿو پهچي سگھان، پر الله پاڪ  جي ذات ۾ اُمّيد آهي ۽ ان