Sadqa Ke Fazail o Adaab

Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab

ويندو آهي. مال جي سبب ڪيترن ئي گناھن جو دروازو کُلي ويندو آهي. ايستائين جو مال ڪڏهن ڪڏهن بُري خاتمي جو سبب بڻجي ويندو آهي. البت مال جي انهن تمام آفتن جو بنياد هڪ آهي ۽ اهو هي آهي ته * ماڻهو مال کي پنهنجي ملڪيت سمجهي ويهي. جڏهن انسان مال کي پنهنجي ذاتي ملڪيت، پنهنجي محنت ۽ مزوري جي ڪمائي جو نتيجو سمجهندو آهي ته ان ۾ غرور به اچي ويندو آهي. جڏهن ماڻهو مال کي پنهنجي ملڪيت سمجهندو آهي ته ان ۾ خودپسندي به ايندي آهي * عياش پرست به ٿي ويندو آهي * فضول خرچ به ٿي ويندو آهي. زڪوات ۽ مال جي ٻين حقن کي ٽيڪس جو نالو به ڏيندو آهي ۽ * ناشڪري جي ڀَنور ۾ ڦاسي ڪري راھِ هدايت کان تمام گهڻو پري نڪري ويندو آهي.

   ان ڪري الله پاڪ اسان کي مال ۽ دولت جي نعمت سان نوازي ته اسان کي پنهنجي پهرين حالت کي هرگز وسارڻ نه گهرجي، اسان جڏهن دنيا ۾ آياسين خالي هٿين هئاسين، جڏهن دنيا مان وينداسين ته خالي هٿين ئي وينداسين، انهن ٻنهي حالتن جي وچ ۾ اسان کي جيڪو مال ۽ دولت، رتبو ۽ مقام مليو آهي، اهو اسان جو ذاتي ناهي، الله پاڪ جو عطا ڪيل آهي، هي الله پاڪ جي ئي ملڪيت آهي، اسان صرف ۽ صرف ان مال جا اَمين ۽ خليفا آهيون. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ اَنۡفِقُوۡا مِمَّا جَعَلَکُمۡ  مُّسۡتَخۡلَفِیۡنَ فِیۡہِ ؕ  (سيپارو: 27، سورة حديد: 7)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ ان جي راھ ۾ ان مال مان خرچ ڪيو جنهن ۾ الله توهان کي جانشين بڻايو آهي.

يعني اي انسانو! هي مال جيڪو توهان جي قبضي ۾ آهي، هي سڀ الله پاڪ جو آهي، ان توهان کي نفعو کڻڻ جي لاءِ ڏنو آهي، توهان حقيقي طور تي ان جا