Mareez Ki Ayadat Kijiye

Book Name:Mareez Ki Ayadat Kijiye

الله اڪبر.

وہ تو نہایت سستا سودا بیچ رہے ہیں جنّت کا    ہم مفلس کیا مول چُکائیں،اپنا ہاتھ ہی خالی ہے([1])

     وضاحت:  ٻنهي جهانن جا مالڪ ۽ مختار، حبيبِ پروردگار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ته جنت کي نهايت گهٽ قيمت ۾ وڪڻي رهيا آهن، پر اسان غريب ان جو مُلھ ڪيئن چڪايون؟ پنهنجي دامن ۾ ته ڪجھ به ناهي.

 هي ڪيترو آسان طريقو آهي نيڪيون ڪمائڻ جو..!! پر افسوس! اسان سُستي ڪندا آهيون. الله پاڪ اسان کي پنهنجي مسلمانن ڀائرن جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي.

ڪنهن مسلمان کي حقير نه سمجهو.

  اسان وٽ هڪ سوچ ڏٺي وئي آهي، ماڻهو ثواب جي معاملي ۾ به حيثيت جو لحاظ ڪندا آهن، مثلاً عيادت ئي کي ڏسي وٺو! ڪو مسلمان ڀاءُ بيمار ٿي وڃي ته اهو ڏٺو ويندو آهي ته اسان جي اسٽيٽس جو ماڻهو آهي يا نه، جيڪڏهن نوڪر بيمار ٿي وڃي ته سيٺ صاحب ان جي عيادت ۾ شرم محسوس ڪندو آهي، ملازم بيمار ٿي وڃي ته مالڪ حضرات ان جي عيادت جي لاءِ وڃڻ ۾ پنهنجي بي عزتي محسوس ڪندا آهن، اهڙي طرح امير غريب جو به فرق ڪيو ويندو آهي. هي تمام غلط ڳالھ آهي.

ہر ایک چیز سے پیدا خُدا کی قدرت ہے      کوئی بڑا کوئی چھوٹا یہ اس کی حکمت ہے

    اسان اهو نٿا ڄاڻون ته الله پاڪ وٽ ڪير عزت وارو آهي، ڪير ان جي بارگاھ ۾ مقبول آهي، ٿي سگهي ٿو ذات جو غريب ايمان جو نهايت امير هجي، ٿئي سگهي ٿو اسان جو ملازم ربّ ڪريم وٽ وڏي مقام جو مالڪ هجي، ان


 

 



[1]...حدائقِ بخشش ،صفحہ:186۔