Mareez Ki Ayadat Kijiye

Book Name:Mareez Ki Ayadat Kijiye

  هي آهي اصل بنياد...!! الله ۽ رسول جو حق وڌيڪ آهي ته اسان انهن کي راضي ڪيون، اسان جي عزت رهي ٿي يا نٿي رهي، الله ۽ رسول جي رضا لازمي ملڻ گهرجي، انهي ڪري جڏهن به ڪنهن مسلمان ڀاءَ جي عيادت جي لاءِ وڃون ته صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا جي نيت سان وڃون، اها نيت ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ثواب به ملندو ۽ ان جي برڪت سان ٻيا  دنياوي فائدا به حاصل ٿي ويندا.

(2)  وضو ڪري وڃو!

 جڏهن به عيادت جي لاءِ وڃو ته وضو سَاري ويندا ڪيو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! باوضو رهڻ جو ثواب ته ملندو ئي ملندو، ان سان گڏوگڏ کوڙ ساريون برڪتون به حاصل ٿينديون، صحابي رسول، حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي، تمام نبين جي سرور، ٻنهي جهانن جي تاجور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جنهن چڱي طرح وضو ڪيو ۽ ثواب جي اُميد رکي پنهنجي ڪنهن مسلمان ڀاءَ جي عيادت ڪئي، ان کي جهنم کان 70 سال جي مفاصلي تائين دور ڪيو ويندو.[1]  

 (3) مريض کان دعاڪرايو

   پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن به عيادت جي لاءِ وڃو ته مريض کان پنهنجي لاءِ دعا ڪرايو، حديث شريف ۾ آهي: مريضن جي عيادت ڪندا ڪيو ۽ انهن کي پنهنجي لاءِ دعا ڪرڻ جو چئو! ڇوته مريض جي دعا قبول آهي ۽ ان جا گناھ معاف آهن.[2]  

هڪ حديث پاڪ ۾ فرمايو: جڏهن توهان ڪنهن مريض وٽ اچو ته ان سان


 

 



[1] ابو داؤد،کتاب الجنائز،باب فی فضل العیادۃ علی الوضوء،صفحہ:500 ،حدیث:3097۔

[2]  معجمِ اوسط،جلد:4 ،صفحہ:294 ،حدیث:6027۔