Book Name:Mareez Ki Ayadat Kijiye
۾ پڇا ڪندا هئا، جيڪڏهن ڪو بيمار هوندو هيو ته ان کان پڇڻ جي لاءِ ويندا هئا يا ڪو سفر تي هوندو هيو ته ان جي لاءِ دعا فرمائيندا هئا. [1]
ہر دَم ہے تمہیں اپنے غلاموں پہ عنایت دِن رات کا یہ کار ہے سرکار تمہارا([2])
مخلوق جي تعداد جي برابر نيڪيون!
پيارا اسلامي ڀائرو! بيمار جي عيادت ڪرڻ جئين اسان جي پياري ۽ آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي پياري پياري سُنت آهي، ايئن ئي اڳين نبين سڳورن جي سُنت به آهي، اَلحَمۡدُلله! الله پاڪ جا سڀئي نبي همدرد ۽ غمخوار ۽ ڏکايل اُمت جو ڏک ونڊڻ وارا هئا. روايتن ۾ اچي ٿو: هڪ ڀيرو الله پاڪ پنهنجي پياري نبي حضرت موسيٰ ڪليم الله عَلَيۡهِ السَّلَام جي طرف وحي فرمائي: اي موسيٰ! ڇا تون چاهين ٿو ته قيامت جي ڏينهن تنهنجون نيڪيون سڄي مخلوق جي نيڪين جي برابر ٿين؟ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: جي ها اي الله پاڪ....!! بلڪل مان اهو چاهيان ٿو. الله پاڪ فرمايو: اي موسي! جيڪڏهن تون اهو چاهين ٿو ته پوءِ مريضن جي عيادت ڪندو ڪر! ۽ غريبن جي لاءِ ڪپڙن جو اهتمام ڪندو ڪر...!! روايت جا الفاظ آهن ته ان کان پوءِ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام اهي ٻئي ڪم پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيا.[3]
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ٿورو اندازو لڳايو! هي ڪيترو عظيم الشان ڪم آهي، اسان جو ڪو مسلمان ڀاء بيمار ٿي وڃي ته اسان کي صرف ان وٽ وڃي عيادت ڪرڻي آهي، ان کان حال احوال پڇڻو آهي، ثواب ڪيترو وڏو آهي.