Mareez Ki Ayadat Kijiye

Book Name:Mareez Ki Ayadat Kijiye

بچندي عيادت جو ثواب ڪمائڻ گهرجي.

رحمت ڍڪي وٺندي آهي

     صحابي رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي، نور جي پيڪر، تمام نبين جي سرور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: جيڪو شخص ڪنهن مريض جي عيادت ڪندو آهي اهو ڄڻ درياءِ رحمت ۾ ٽٻي لڳائي ٿو. جڏهن اهو مريض وٽ ويهندو آهي ته ان کي رحمت ڍڪي وٺندي آهي.[1] 

هڪ روايت ۾ آهي: جنهن مريض جي عيادت ڪئي، اهو رحمت جي درياء ۾ داخل ٿي ويو، جڏهن اهو ان مريض وٽ ويهندو آهي ته رحمت جي درياء ۾ وهنجڻ لڳندو آهي. جڏهن انسان مريض وٽان اٿندو آهي ته جتان کان هو عيادت جي لاءِ هليو هو، اُتان واپس پهچڻ تائين رحمت جي درياء ۾ ٻڏل هوندو آهي.([2]) سُبْحٰنَ اللہ!

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ اسان کي به توفيق عطا فرمائي، ڪاش! اسان به مريضن جي عيادت ڪندا ڪيون، ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! آخرت جو ثواب به ملندو، دنيا ۾ خوشحالي به ايندي، پاڻ ۾ پيار محبت ۽ اتحاد ۽ اتفاق به وڌندو، جڏهن هر شخص ٻين جي غم ۾ شريڪ ٿيڻ وارو بڻجي ويندو ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جي برڪت سان معاشرو سڌرندو، امن ۽ سڪون جي فضا قائم ٿيندي ۽ اسان جو معاشرو ترقي جي طرف نه صرف هلڻ بلڪه اڏامڻ شروع ٿي ويندو. الله پاڪ اسان سڀني کي هڪٻئي جا غم ونڊڻ، مشڪل ۾


 

 



[1] مسندِ امام احمد،جلد:5،صفحہ:494 ،حدیث: 13119

[2] معجمِ اوسط ،جلد:4 ،صفحہ:85،حدیث:5296۔