Book Name:Mareez Ki Ayadat Kijiye
آسان نيڪي آهي پر هن جو ثواب تمام گهڻو آهي.
حضرت
ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، هڪ ڏينهن نور جي
پيڪر، تمام نبين جي سرور صَلَّى
اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان کان پڇيو: اڄ توهان مان
ڪنهن روزو رکيو؟ ته حضرتِ صِدِّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه عَرض ڪيو: مون۔ پوءِ معلوم
ڪيائون: اڄ توهان مان جنازي سان گڏ ڪير ويو؟ ته حضرتِ صِدِّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه عَرض
ڪيو: مان۔ پڇيائون: اڄ توهان مان ڪنهن مسڪين کي کاڌو کارايو؟
حضرتِ صِدِّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه عَرض
ڪيو: مون۔ اِرشاد فرمايائون: اڄ توهان مان ڪنهن مريض جي عيادت ڪئي؟ حضرتِ
صِدِّيقِ اڪبر
رَضِىَ اللهُ عَنْه عَرض
ڪيو: مون! (سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 4 سوال ڪيا، اهي چارئي ڪم حضرتِ صِدِّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه
ڪيا هئا،) اُن
تي الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: جنهن انسان ۾ به اهي (4 عادتون) گڏ ٿي وڃن اهو جنت ۾ داخِل ٿيندو.
(مسلم،کتاب الزکاۃ،باب من جمع الصدقۃ و اعمال البر،صفحہ:369،حدیث:1028۔)
مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي، ٻنهي جهانن جي مالڪ و مختار، مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏهن مسلمان پنهنجي مسلمان ڀاءَ جي عيادت ڪندو آهي ته اهو مريض وٽ ويهڻ تائين جنت جي باغ ۾ گهمندو آهي، جڏهن اهو ويهندو آهي ته رحمت ان کي ڍڪي وٺندي آهي، جڏهن ڪو صبح جي وقت مريض جي عيادت ڪندو آهي ته شام ٿيڻ تائين 70 هزار ملائڪ ان جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪندا رهندا آهن، جيڪو شام جي وقت عيادت ڪندو آهي ته صبح ٿيڻ تائين 70 هزار ملائڪ ان