Mareez Ki Ayadat Kijiye

Book Name:Mareez Ki Ayadat Kijiye

ڪو چئي اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ ته اسان چونداسين؛ وَعَلَیْکُمُ السَّلَامْ وَرَحْمَۃُ اللہِ جيڪڏهن ڪو چئي اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ وَرَحْمَۃُ اللہِ ته اسان جواب ۾ چونداسين وَعَلَیْکُمُ السَّلَامْ وَرَحْمَۃُ اللہِ وَبَرَکَاتُہٗ ۽ جيڪڏهن ڪو وَبَرَکَاتُہٗ به سلام ۾ چئي ته اسان جواب ۾ اهي ئي ٽئي لفظ چونداسين.[1] بهرحال! جڏهن به ڪو مسلمان اسان کي سلام ڪري ته اسان تي لازم آهي ته ان جي سلام جو جواب ايتري آواز سان ڏيون جو ان جا ڪن ٻڌي سگهن.

ٻيون  حق: عيادت ڪرڻ

 الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  مسلمان ڀاءَ جو ٻيون حق بيان ڪندي فرمايو: وَعِيَادَةُ الْمَريض مريض جي عيادت ڪرڻ) [2] (يعني اسان جو مسلمان ڀاءُ چاهي اهو پنهنجو هجي يا پرايو، ويجهو هجي يا پري وارو، دوست هجي يا دشمن، عزيز رشتيدار هجي يا شهر جي ٻي ڪناري تي رهڻ وارو اجنبي  هجي، جيڪو مسلمان آهي، عاشق رسول آهي، جيڪڏهن اهو بيمار ٿي وڃي ته مسلمان جو حق آهي ته پڇڻ جي لاءِ وڃي. ان جي عيادت ڪري.

ٽيون حق: جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ

 ٽيون حق بيان فرمايو: وَاِتِّبَاعُ الْجَنَائِزِ  جنازي سان گڏ وڃڻ) [3]( يعني مسلمان ڀاءُ جيڪڏهن دنيا کان رخصت ٿي وڃي ته ٻين مسلمانن تي حق آهي ته  هُو ان جي جنازي ۾ شريڪ ٿين، سندس تجهيز و تڪفين ۾ جيترو ٿي سگهي حصو وٺن.


 

 



[1] رد المحتار ،کتاب الحظر و الاباحۃ،فصل فی البیع،جلد:9 ،صفحہ:683 ملتقطًا۔

[2] بخاری،کتاب الجنائز،باب  الامر باتباع الجنائز،صفحہ:355 ،حدیث:1240۔

[3] بخاری،کتاب الجنائز،باب  الامر باتباع الجنائز،صفحہ:355 ،حدیث:1240۔