Mareez Ki Ayadat Kijiye

Book Name:Mareez Ki Ayadat Kijiye

پنهنجي لاءِ دعا جي درخواست ڪيو ڇوته ان جي دعا ملائڪن جي دعا وانگر هوندي آهي.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! هن حديث پاڪ تي غور ڪيو! ته جيڪڏهن اسان مريض جي عيادت جي لاءِ وينداسين، ان سان مريض جي دل جوئي ٿيندي، اهو ته پنهنجي جڳھ تي، ان سان گڏوگڏ اسان جو به ڪيترو فائدو ٿيندو، اسان مريض کان دعا ڪرايون، ان جي برڪت سان  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اسان جون به مرادون پوريون ٿينديون .

    هي هڪ وڏو زبردست نسخو آهي، بعض اوقات ايئن ٿي ويندو آهي، اسان تي مشڪل وقت اچي ويندو آهي، جيئن چوندا آهن: سون کي هٿ لڳايان ته مٽي ٿي ويندو آهي. اهڙا حالات بڻجي ويندا آهن، سمجھ ۾ ئي ناهي ايندو ته ڪرڻو ڇا آهي، مون سان ڇا ٿي رهيو آهي، هر پاسي مشڪلات، پريشانيون انسان کي گهيري وٺنديون آهن، خدانخواسته جيڪڏهن اهڙو وقت اچي وڃي ته اهڙي موقعي تي هي ڪم پاڻ تي لازم ڪري وٺو، مريضن جي عيادت جي لاءِ وڃو، هڪ ته عيادت جو ثواب ملندو، ان سان گڏوگڏ مريض کان پنهنجي لاءِ دعا ڪرايو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! مشڪلات به حل ٿي وينديون.

مريض کي دعا ڏيو!

    عيادت جي وقت مريض کان پنهنجي لاءِ دعا ڪرائڻي آهي، ان سان گڏوگڏ مريض جي لاءِ به دعا ڪرڻ گهرجي. حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهُما کان روايت آهي، رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو به مسلمان پنهنجي مسلمان ڀاءَ جي عيادت جي لاءِ وڃي ته هي ڪلما 7 ڀيرا پڙهي، جيڪڏهن ان جي موت جو وقت نه آيو هجي ته الله پاڪ هنن ڪلمات جي


 

 



[1]  ابنِ ماجہ،کتاب الجنائز،باب ما جاء فی عیادۃ المریض،صفحہ:234 ،حدیث:1441۔