Mareez Ki Ayadat Kijiye

Book Name:Mareez Ki Ayadat Kijiye

بداَمني جو شڪار نه ٿيندو. پر نهايت افسوس کان چوڻو ٿو پئي ته اسان مسلمان آهيون پر اسان جي مسلمان ڀائرن جا اسان تي ڪهڙا ڪهڙا حق آهن؟ اسان مان تمام ٿورن ماڻهن کي هن بابت ڄاڻ هوندي. الله پاڪ اسان کي علم دين جي نعمت نصيب فرمائي. اَڄ اسان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! پنهنجي مسلمان ڀائرن جي حقن مان هڪ اهم حق جي متعلق اسلامي تعليمات سکڻ جي ڪوشش ڪنداسين، الله پاڪ اسان کي صحيح اسلامي تعليم سکڻ، ان کي ياد رکڻ، انهن کي ٻين تائين  پهچائڻ ۽ پاڻ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

 اٰمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِیٖنْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم    

روئو نه

مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ حضرت بيبي عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: حضور اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ شخص کي موجود نه ڏٺو ته صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان کان ان جي باري پڇيو: عرض ڪيو ويو: ان کي تيز بخار ٿي پيو آهي. اُمت جي غمخوار آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان کي ارشاد فرمايو: هلو! اسان سندس عيادت جي لاءِ هلون ٿا، جيئن ته اُمَّت جا غمخوار نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن ان وٽ پهتا ته هُو روئي رهيو هو. پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم انهن کي ارشاد فرمايو روئو نه! ڇوته مون کي جبرائيل (عَلَيۡهِ السَّلَام) خبر ڏني آهي ته بخار منهنجي اُمت جي لاءِ جهنم مان حصو آهي.

(معجمِ صغیرللطبرانی،صفحہ:249،حدیث:314بتغیرقلیل۔)  

سُبْحٰنَ اللہ! اُن جسماني بيمار خوش قسمت صحابي سڳوري جي مبارڪ قدمن تي دنيا جون تمان تندرستيون قربان ٿين، جن جي عيادت جي لاءِ طبيبن