Book Name:Mareez Ki Ayadat Kijiye
ڪري ڪو ننڍو هجي يا وڏو، ڪو امير هجي يا غريب، ڪو دوست هجي يا اَجنبي، جيڪڏهن اهو بيمار آهي ته اسان کي ان جي عيادت ڪري ثواب ڪمائڻ گهرجي. مسلم شريف جي حديث پاڪ آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: الله پاڪ قيامت جي ڏينهن ارشاد فرمائيندو: اي ابن آدم! مان بيمار هيس، تو منهنجي عيادت ڇونه ڪئي؟ ٻانهو عرض ڪندو: اي منهنجا ربّ ڪريم! تُون ته ربُّ العالمين آهين (تون هر عيب کان پاڪ آهين، بيمار ٿيڻ تنهنجي شان جي لائق ناهي، اي ڪريم ربَّ! جڏهن تون بيمار ٿيڻ کان ئي پاڪ آهين ته) مان تنهنجي عيادت ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ الله پاڪ فرمائيندو: ڇا توکي معلوم نه هيو ته منهنجو فلاڻو ٻانهو بيمار ٿيو هو ۽ تو ان جي عيادت نه ڪئي، جيڪڏهن تون ان جي عيادت ڪرين ها ته ضرور منهنجي رضا کي اُتي حاصل ڪرين ها.[1]
الله اڪبر! الله اڪبر! اندازو لڳايو! هڪ مسلمان جي ڇا ته بلند شان آهي..!! ٻانهو بيمار ٿيو، الله پاڪ فرمائي ٿو: اي ابن آدم! تو منهنجي عيادت ڇونه ڪئي...!! واھ سُبْحٰنَ اللہ! هن مان خبر پئي، ڪو امير هجي يا غريب، سيٺ هجي يا نوڪر، جيڪو ٻانهو مسلمان آهي، الله پاڪ وٽ ان جو وڏو مقام آهي، لهٰذا اسان کي گهرجي ته اسان ان جي عيادت جي لاءِ وڃون ۽ ثواب ڪمايون.
عيادت جي فضيلت متعلق حديثون
پيارا اسلامي ڀائرو! امير اهل سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو نيڪ بڻائڻ وارو رسالو نيڪ اعمال مان هڪ نيڪ عمل اهو به آهي. ته هفتي ۾ گهٽ مان گهٽ هڪ ڀيرو گهر يا اسپتال ۾ وڃي ڪري ڪنهن مريض جي عيادت ڪئي. پنهنجي مسلمان ڀاءَ جي عيادت جي لاءِ وڃڻ نهايت ئي فضيلت وارو ڪم آهي. هيءَ نهايت