Book Name:Mareez Ki Ayadat Kijiye
جا طبيب الله پاڪ جا پيارا حبيب تشريف کڻي آيا. ڪنهن ڇا ته خوب چيو آهي:
سرِ بالِیں انہیں رحمت کی ادا لائی ہے حال بگڑا ہے تو بیمار کی بن آئی ہے([1])
اي عاشقانِ صحابه واهل بيت! پنهنجي اُمَّت کان پيار ڪرڻ واري پياري پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي بيان ڪيل واقعي ۾ پنهنجي صحابي جي غير موجودگي وقت خيريت پڇڻ ۽ عيادت ڪرڻ جو انداز مبارڪ صد ڪروڙ مرحبا! ڪاش! اسان به پنهنجي مسلمان ڀائرن جي خبرگيري ڪرڻ (خير خيريت پڇڻ) جي عادت بڻايون، جتي ان سان رضاءِ اِلٰهي جي لاءِ ڪئي ويندڙ عيادت سان ثواب جون خوشخبريون ملنديون اُتي مسلمان جي دل ۾ اوهان جي محبت به وڌندي.
مشهور صحابي رسول حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَـنْه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: حَقُّ الْمُسْلِمِ عَلَى الْمُسْلِمِ خَمْسٌ يعني هڪ مسلمان جا ٻئي مسلمان تي 5 حق آهن.
(بخاری،کتاب الجنائز،باب الامر باتباع الجنائز،صفحہ:355 ،حدیث:1240۔)
هي بخاري ۽ مسلم جي حديث پاڪ آهي، ان ۾ 5 حقن جو ذڪر آهي، ڪجھ ٻين روايتن ۾ 7 حقوق به بيان ٿيا آهن، بهرحال! هي 5 حقوق ڪهڙا آهن، ارشاد فرمايائون:
ردُّ السَّلام سلام جو جواب ڏيڻ[2] (يعني جڏهن ڪو مسلمان اسان کي سلام