Book Name:Mareez Ki Ayadat Kijiye
وَرَسُولُهُ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: مون جيئن ئي اها دعا پڙهي، منهنجو بخار ختم ٿي ويو. [1]
کیا مبارک نام ہے، کیسا پیارا ہے لقب عائشہ محبوبۂ محبوبِ رَبُّ العالمیں
آیۂ تطہیر میں ہے ان کی پاکی کا بیاں ہیں یہ بی بی طاہرہ، شوہَر امام الطّاہِرِیں ([2])
زوجۂ مصطفیٰ سیدہ عائشہ عابدہ زاہدہ سیدہ عائشہ
ساجدہ، صائِمہ سیدہ عائشہ طیبہ طاہِرہ سیدہ عائشہ
خُلد میں داخِلہ سیدہ عائشہ دو خُدا سے دِلا سیدہ عائشہ
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت بيبي عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي عيادت به فرمائي ۽ انهن کي بخار کان نجات جي دعا به سيکاري، اهڙي طرح پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اهل بيت پاڪ جي ٻين فردن جي به عيادت فرمائيندا هئا. تنهنڪري اسان کي به گهرجي ته ٻاهر وارن سان گڏوگڏ گهر وارن جو به خيال رکون، ڪٿي ايئن نه ٿي جو سڀني دوستن جي ته عيادت ٿي رهي هجي ۽ پنهنجي گهر ۾ موجود بيمار والده يا ڪمزور پيءُ يا ٻارن جي ماءُ وغيره بيماريءَ کان بيحال پيا هجن ۽ انهن سان همدردي ڪرڻ جو وقت ئي نه ڪڍيو وڃي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي مريضن جي عيادت ڪرڻي آهي، لازمي ڪرڻي آهي، ان سان گڏوگڏ عيادت جا آداب به سامهون رکڻا آهن. اچو! مريض