Book Name:Mareez Ki Ayadat Kijiye
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: علاقائي دورو
پيارا اسلامي ڀائرو! پُرفتن دور آهي، فتنا مختلف انداز سان ڪَرُ کڻي رهيا آهن، اهڙي حالات ۾ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جو ديني ماحول الله پاڪ جي وڏي نعمت آهي، پنهنجي دل ۾ عشق رسول وڌائڻ، صحابه و اهل بيت ۽ اولياءِ ڪرام جي محبّت جا ڏيئا سيني ۾ ٻارڻ جي لاءِ هن ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ استقامت سان وابسته رهو، 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: علاقائي دورو به آهي. حديث پاڪ جو خلاصو آهي: جيڪي قدم راھ خُدا ۾ خاڪ آلود ٿين، انهن کي جهنم جي باھ نه ڇُهندي [1] * نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ جي لاءِ گهر کان نڪرڻ به راھ خُدا ۾ نڪرڻ آهي. * اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ بازارن ۾ تشريف کڻي ويندا هئا. مختلف قبيلن ۾ وڃي ڪري نيڪي جي دعوت ڏيندا هئا. * دعوت اسلامي وارا عاشقانِ رسول به هن پياري ادا کي ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. * گهر گهر، دڪان دڪان، وڃي ڪري نيڪي جي دعوت پيش ڪئي ويندي آهي. * ماڻهن کي مسجد ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ويندي آهي. * نمازن جي ترغيب ڏياري ويندي آهي. * اسان ان کي علاقائي دورو چوندا آهيون. * اوهان به عاشقانِ رسول سان ملي ڪري علاقائي دورو ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * انبياء جي سُنت تي عمل جي سعادت ملندي. * نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ملندو. * حديث پاڪ جي مطابق نيڪي جي راھ ڏيکارڻ وارو، نيڪي ڪرڻ واري جيان آهي.[2] * جيڪڏهن اسان جي نيڪي