Book Name:Mareez Ki Ayadat Kijiye
جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪندا آهن.
(مسلم،کتاب الزکاۃ،باب من جمع الصدقۃ و اعمال البر،صفحہ:369،حدیث:1028۔)
75 هزار ملائڪن جي ڇانوَ ۾ رهندو
صحابي رسول حضرت عبدالله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهُا کان روايت آهي، شهنشاھ مدينه، قرار قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جنهن مريض جي عيادت ڪئي. الله پاڪ اُن تي 75 هزار ملائڪن جي ذريعي سايو فرمائيندو، (گهر کان نڪرڻ کان وٺي ڪري گهر واپس موٽڻ تائين) ان جي هر وک کڻڻ تي ان جي لاءِ هڪ نيڪي لکي ويندي، هر قدم رکڻ تي ان جو هڪ گناھ مٽايو ويندو ۽ هڪ درجو بلند ڪيو ويندو ايستائين جو هُو پنهنجي جڳھ تي ويهي رهي، جڏهن اهو مريض سان ويهندو ته رحمت ان کي ڍڪي ڇڏيندي ۽ پنهنجي گهر واپس اچڻ تائين کيس رحمت ڍڪي رکندي. (معجمِ اوسط،جلد:3،صفحہ:222 ،حدیث:4396۔)
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث شريف ۾ مريض جي عيادت جي فضيلت بيان ٿي، هن سان گڏوگڏ سکڻ جي هڪ اهم ڳالھ به آهي، اسان وٽ ماڻهو عام طور گهر پري هجڻ جي سبب به عيادت جي ثواب کان محروم ٿي ويندا آهن، خبر ته ملي وئي ته فلاڻو صاحب بيمار آهي، پڇڻ جي لاءِ وڃڻ تي دل به ڪري ٿي پر نفس سُستي ڏياريندو آهي ته ڪير ايترو پري ويندو، پوءِ وري ايندو، ايترو وقت ڪنهن وٽ هوندو؟ الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي، ٿورو غور ڪيو! جيڪو مريض جي عيادت جي لاءِ ويندو آهي ان جي هر قدم تي هڪ نيڪي ملندي آهي، هڪ گناھ معاف ٿيندو آهي ۽ هڪ درجو بلندو ڪيو ويندو آهي، هاڻي هتان کان غور ڪيو! جيڪڏهن مريض جو گهر پري آهي ته اُخروي لحاظ کان ته هي تمام فائديمند موقعو آهي، جيترو پري ويندا، اوتريون وڌيڪ نيڪيون ملنديون، اوترا وڌيڪ گناھ معاف ٿيندا ۽ اوترائي وڌيڪ درجا بلند ٿيندا، تنهنڪري مريض جو گهر پري هجي يا ويجهو اسان کي سُستي کان