Book Name:Mareez Ki Ayadat Kijiye
جي دعوت سان هڪ شخص به نيڪ نمازي بڻجي ويو ته يقين مڃو! ڀاڳ کُلي ويندا. (جنهن ڏينهن ۽ جنهن مقام تي علاقائي دورو ٿيندو هجي، اهو ٻڌايو ۽ چئو!) هر اربع تي عصر جي نماز کان بعد فيضان مدينه جي ويجهوئي پاڙي ۾ علاقائي دورو ٿيندو آهي اوهان به تشريف کڻي ايندا ڪيو! نماز عصر فيضان مدينه ئي ۾ پڙهو! پوءِ ملي ڪري نيڪي جي دعوت عام ڪنداسين اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻو ثواب ملندو. اچو! اوهان جي ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌايان ٿو.
ضلعو غازي پور (يوپي، هند) هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي عصر جي نماز کان بعد علاقائي دوري جي سلسلي ۾ هڪ حجم جي دڪان تي پهتاسين جتي ڪجھ ماڊرن نوجوان ڪچهريءَ ۾ مصروف هئا، رهنما اڳتي وڌي ڪري تعارف ڪرايو ته نيڪي جي دعوت ڏيڻ واري اسلامي ڀاءَ فوراً ڏکوئيندڙ انداز ۾ نيڪي جي دعوت ڏيڻ شروع ڪئي. نيڪي جي دعوت کان بعد انهن کي مسجد هلڻ جي دعوت ڏني انهن انڪار ڪيو پر عاشقانِ رسول جي محبت ڀري اصرار تي آخرڪار اهي نماز کان بعد ٿيڻ واري بيان ۾ شرڪت ڪرڻ تي راضي ٿي ويا. نماز کان بعد جيئن ئي بيان شروع ٿيو اهي سڀئي اچي ويا، بيان جي آخر ۾ ايمان جي دولت جي اهميت کي اجاگر ڪندي ايمان جي حفاظت جي لاءِ فڪرمند رهڻ جو ذهن ڏنو. ان کان بعد هُو مسجد کان ٻاهر هليا ويا. اڃا ٿورو ئي وقت گذريو هوندو جو اهي وري واپس آيا انهن جي چهرن جا تاثرات ڪنهن وڏي انقلاب کي ظاهر ڪري رهيا هئا، اهي چوڻ لڳا: اسان غير مسلم آهيون اسان کي ڪلمو پڙهائي مسلمان ڪري ڇڏيو! اسان