Book Name:Mareez Ki Ayadat Kijiye
جي عيادت جا ڪجھ آداب به سکي وٺون ٿا:
(1) رضاءِ الٰهي جي نيت ڪيو!
* سڀني کان پهريون ۽ بنيادي اَدب ته اِهو آهي ته مريض جي عيادت صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا جي لاءِ ڪئي وڃي، ان نيڪ ڪم ۾ ڪوبه ٻي نيت نه رکي.
اهڙيون ڪيئي عجيب بيماريون اسان جي معاشري ۾ پکڙجي رهيون آهن جو اسان ڪيترائي ڪم صرف پنهنجي عزت بچائڻ جي لاءِ ڪندا آهيون ۽ اها شيءِ اسان جي اندر فرق پيدا ڪري ٿي، جڏهن اها سوچ بڻجي وڃي ته مون کي هر ڪم عزت بچائڻ جي لاءِ ڪرڻو آهي ته پوءِ ان جو لحاظ به رکيو ويندو آهي، جتي عزت بيعزتي جو مسئلو بڻجندو هجي، اهو ڪم اسان ڪري وٺندا آهيون، جتي مسئلو نه بڻجي اهو ڪم ناهيون ڪندا. اهڙي طرح اَدلي بدلي جي سوچ به تمام گهڻي ڏٺي ويندي آهي، مثلاً مان بيمار ٿيو هيس ته فلاڻو منهنجي عيادت جي لاءِ آيو هيو، تنهنڪري ان جي عيادت جي لاءِ مون کي به وڃڻو آهي، جيڪڏهن اهو منهنجي عيادت ڪرڻ نه آيو هيو ته مون کي به ناهي وڃڻو، هي تمام غلط انداز ۽ رَويو آهي، اسان جو اهو ئي رويو، اها سوچ اسان جي سماج کي تباھ و برباد ڪري رهي آهي. ياد رکو! هڪ مسلمان جي زندگي جو اصل بنياد، اسان جي زندگي جو اصل مقصد الله پاڪ جي رضا آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ اللّٰہُ وَ رَسُوۡلُہٗۤ اَحَقُّ اَنۡ یُّرۡضُوۡہُ اِنۡ کَانُوۡا مُؤۡمِنِیۡنَ (۶۲)
ترجموڪنزالعرفان: حالانڪ الله ۽ ان جو رسول هن ڳالھ جا وڌيڪ حقدار آهن ته ماڻهو انهن کي راضي ڪن جيڪڏهن ايمان وارا آهن. (پارہ:10، التوبۃ:62)