Mareez Ki Ayadat Kijiye

Book Name:Mareez Ki Ayadat Kijiye

هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم۔

رزق ۾ برڪت ۽ خوشحال زندگي جو نسخو

پيارا اسلامي ڀائرو! هن وقت سڄي دنيا ۾ معاشي حالات ڪمزور کان ڪمزور تر ٿيندا پيا وڃن، ڪيئي ماڻهو رزق جي تنگي جو سامنو ڪري رهيا آهن، تمام گهٽ ماڻهو اهڙا آهن جن کي زندگي جو سڪون ميسر آهي، اچو! مان اوهان کي خوشحال زندگي ۽ رزق ۾ برڪت جو هڪ نسخو ٻڌايان ٿو. صحابي رسول حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو:

 مَنْ عَادَ مَرِیْضًا اَوْ زَارَ اَخًا لَہُ فِی اللہ نَادَاہُ مُنَادٍ بِاَنْ طِبْتَ وطَابَ مَمْشَاکَ وَ تَبَوَّاْتَ مِنَ الْجَنَّۃِ مَنْزِلًا

جيڪو ڪنهن مريض جي عيادت ڪري يا الله پاڪ جي رضا جي خاطر پنهنجي (ديني) ڀاءَ جي زيارت ڪرڻ جي لاءِ وڃي ته هڪ اعلان ڪرڻ وارو اعلان ڪندي چوندو آهي: تون پاڪ ٿئين، تنهنجو هلڻ پاڪ آهي ۽ هن هلڻ جي برڪت سان تو جنت ۾ گهر حاصل ڪري ورتو. [1]

 ھن حديث شريف جي حوالي سان عالم سڳورا فرمائن ٿا: مطلب اهو آهي ته اي خوش قسمت! اي مريض جي عيادت جي لاءِ وڃڻ وارا! هي تنهنجو هلڻ تنهنجي خوشگوار زندگي جو سبب بڻجي وڃي، ان جي برڪت سان توهان کي قناعت جي دولت نصيب ٿي، رضاءِ الٰهي جي سعادت ملي، توهان جي رزق ۾ برڪت ٿي ۽ ان هلڻ جي برڪت سان توهان کي چڱا اخلاق، علم ۽ عمل جي توفيق نصيب ٿي.[2]

سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙي شان آهي.....!! مريض جي عيادت ڪيو:  *  الله پاڪ جي رضا


 

 



[1]  ترمذی،کتاب البر و الصلۃ،باب ما جاء فی زیارۃ الاخوان ،صفحہ:486،حدیث:2008۔

[2] مرقاۃ المفاتیح،کتاب الآداب،باب الحب فی اللہ و من اللہ ،جلد:9 ،صفحہ:221،تحت الحدیث:5015