Mareez Ki Ayadat Kijiye

Book Name:Mareez Ki Ayadat Kijiye

ملندي  *  جنت ۾ گهر نصيب ٿيندو.  *  ملائڪن جون دعائون نصيب ٿينديون.   *  رحمت الٰهي مان ڪثير حصو ملندو.  *  ملائڪن جو ساٿ نصيب ٿيندو  *  ان جي برڪت سان زندگي خوشحال ٿيندي  *  رزق ۾ برڪت ٿيندي  *  قناعت جي دولت هٿ ايندي  *  الله پاڪ جي رضا نصيب ٿيندي ۽  *  ان جي برڪت سان چڱا اخلاق، علم دين ۾ مضبوطي ۽ نيڪ ڪمن ۾ استقامت نصيب ٿي ويندي. الله! الله! هاڻي ٻڌايو! ٻي ڪهڙي نعمت آهي جيڪا اسان کي گهرجي، مريض جي عيادت ڪيو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ سارا انعام ملندا. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

اهل خانه جي به عيادت ڪيو!

 پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان سان گڏوگڏ، پنهنجي اهلِ بيت(يعني گهر وارن) مان ڪو بيمار ٿيندو هيو ته انهن جي به عيادت ڪندا هئا. هڪ ڀيري مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ حضرت بيبي عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها کي بخار ٿي پيو ته پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف کڻي آيا (پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: مون پاڻ سڳورن کان بخار جو ذڪر ڪيو ۽ ان کي ناپسند ڄاڻيو)، ته پاڻ سڳورن|
 صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: بيشڪ بخار حڪم جو پابند آهي، تون ان کي برو نه چئه پر جيڪڏهن تون چاهين ته مان توکي اهڙا الفاظ سيکاريان ته جڏهن تون اهي پڙهندينء ته الله پاڪ تنهنجو بخار دور ڪري ڇڏيندو. پوءِ پاڻ سڳورن
 صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سيده عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها کي دُعا سيکاري، اها دعا هيءَ آهي:

 ‌اَللّٰهُمَّ ‌ارْحَمْ ‌عَظْمِي ‌الدَّقِيقَ وَجِلْدِيَ الرَّقِيقَ، واَعُوذُ بِكَ مِنْ فَوْرَةِ الْحَرِيقِ، يَا اُمَّ مِلْدَمٍ، اِنْ كُنْتِ آمَنْتِ بِاللَّهِ وَالْيَوْمِ الْآخِرِ فَلَا تَاْكُلِي اللَّحْمَ وَلَا تَشْرَبِي الدَّمَ، وَلَا تُفَوِّرِي عَلَى الْفَمِ،ولا تَصْدَعِی الرَّأسَ وَانْتَقِلِي اِلَى مَنْ زَعَمَ اَنَّ مَعَ اللَّهِ اِلٰهًا آخَرَ فَاِنِّي اَشْهَدُ اَنْ لَا اِلٰهَ اِلَّا اللَّهُ وَاَنَّ مُحَمَّدًا عَبْدُهُ