Book Name:Mareez Ki Ayadat Kijiye
بڻجي ويندا آهن. بلا ضرورت مرض جي تفصيل پڇڻ، طبّي معاملن کان واقف نه هوندي به ان کي قسم قسم جا مشورا ڏيڻ ۽ ٻيا فضول سوال ڪرڻ مريض جي لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي ويندا آهن. بهرحال عيادت ڪرڻ ۾ مريض جي ڪيفيت جو خيال رکڻ ضروري آهي ۽ جيڪڏهن اهو محسوس ٿئي ته اسان جي موجودگي مريض جي لاءِ تڪليف جو سبب بڻجي رهي آهي ته جلد اُتان کان روانو ٿي وڃڻ گهرجي.
چڱي وقت جو انتخاب ڪيو
پيارا اسلامي ڀائرو! عيادت جي لاءِ بهترين وقت جو انتخاب ڪرڻ به ضروري آهي، ظاهر آهي جنهن جي عيادت جي لاءِ وڃي رهيا آهيو، اهو ويچارو بيمار آهي ۽ بيماري جي حالت ۾ سؤ قسم جا معاملا هوندا آهن، اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن اسان مريض وٽ وڃون ۽ اٿڻ جو نالو ئي نه وٺون ته ٿي سگهي ٿو ويچارو تڪليف ۾ اچي وڃي، ايئن ئي بي وقت وڃڻ به مريض کي تڪليف ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿو. حضرت شعبي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: بي وقوف ماڻهن جو مريض جي عيادت ڪرڻ سندس گهر وارن تي سندن بيماري کان به وڌيڪ ڳرو هوندو آهي، ڇوته بي وقت ايندا آهن ۽ اچي ويهي رهندا آهن. [1]
پيارا اسلامي ڀائرو! اهڙي طرح مريض جي عيادت جا ڪجھ ٻيا آداب به آهن، مثلاً * ڪنهن جي عِيادت جي لاءِ وڃو ۽ مَرَض جي سختي ڏسو ته ان کان ڊيڄارڻ واريون ڳالهيون نه ڪريو مثلاً تنهنجي حالت خراب آهي ۽ نه ئي ان انداز سان مٿو هِلايو جنهن سان حالت جو خراب هجڻ سمجهيو ويندو هجي.