Book Name:Mareez Ki Ayadat Kijiye
پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ٻيو حق بيان ڪندي فرمايو: وَعِیَادَۃُ الْمَرِیْضِ مريض جي عيادت ڪرڻ. اهو نهايت ئي فضيلت جو ڪم آهي، اسان جو ڪو مسلمان ڀاءُ جيڪڏهن بيمار ٿي وڃي، ان کي ڌڪ لڳي، ڪو حادثو پيش اچي يا هونئن ئي ڪو ميڊيڪل پرابلم ٿي وڃي ته اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي عيادت ڪيون، ان وٽ وڃون، ان کان ملون، ان کان حال احوال پڇون.، ان کي تسلي ڏيون، جيڪڏهن ان کي ڪنهن شيءِ جي ضرورت هجي ۽ اسان مدد ڪرڻ جي طاقت رکندا هجون ته ان جي مدد به ڪيون، بهرحال! اهو ويچارو غم جي ڪيفيت ۾ آهي ته ٻين مسلمانن کي گهرجي ته ان جي غم جو حصو بڻجن، ان جي برڪت سان پاڻ ۾ پيار محبت وڌندي، هڪٻئي جي اتفاق ۽ اتحاد ۾ اضافو ٿيندو ۽ پوءِ نتيجو اهو نڪرندو جو اسان جو سماج اَمن ۽ سڪون، پيار ۽ محبت جو گهوارو بڻجي ويندو.
پيارا اسلامي ڀائرو! مريض جي عيادت ڪرڻ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تمام پياري سُنت مبارڪه آهي.)[1]( اسان جي پياري نبي، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي هي تمام پياري عادت مبارڪ هئي ته پاڻ سڳورن کي اطّلاع ملندو هو ته فلاڻو بيمار آهي ته چاهي ان جي رهائش مديني پاڪ جي آخري ڪناري تي ئي ڇو نه هجي، پاڻ سڳورا ان کان پڇڻ جي لاءِ تشريف کڻي ويندا هئا. حضرت علامه علي قاري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪي صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان حاضر نه هوندا هئا حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جي باري