Book Name:Mareez Ki Ayadat Kijiye
چوٿون حق آهي: وَاِجَابَةُ الدَّعْوَةِ دعوت کي قبول ڪرڻ )[1]( يعني اسان جو مسلمان ڀاءُ جيڪڏهن اسان جي دعوت ڪري ته ان جي دعوت قبول ڪئي وڃي. اهو نه ڏٺو وڃي ته هي امير آهي يا غريب، اسان کي دعوت تي گهرائي اسان جي حيثيت جي مطابق اسان جي ميزباني به ڪري سگهندو يا نه، بس جيڪو به اسان جي دعوت ڪري، اسان امير غريب جو فرق ختم ڪري، ان جي دعوت کي قبول ڪيون، اهو به مسلمان ڀاءُ جي بنيادي حقن مان هڪ حق آهي.
پنجون حق اهو آهي ته وتَشْمِيْتُ العَاطِسِ نڇ جو جواب ڏيڻ.[2] يعني جڏهن اسان جي ڪنهن مسلمان ڀاءُ کي نڇ اچي ۽ هُو ان تي اَلحَمۡدُلله! چئي ته ٻڌڻ واري تي واجب آهي ته نڇ جو جواب ڏيندي چئي: یَرْحَمُکَ اللہ (يعني الله پاڪ توهان تي رحم فرمائي).)[3](
پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ مسلمان جا ٻئي مسلمان تي 5 حق آهن. (1) سلام جو جواب ڏيڻ (2) مريض جي عيادت ڪرڻ (3) جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ (4) دعوت قبول ڪرڻ (5) نڇ جو جواب ڏيڻ. اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي مسلمان ڀاءَ جا هي پنج ئي حقوق پوري ايمانداري سان ذهن ۾ رکي ڪري پورا ڪيون. اچو! انهن 5 مان هڪ حق جي وضاحت يعني مريض جي عيادت جي باري ۾ ٻڌون ٿا: