Book Name:Mareez Ki Ayadat Kijiye
* عيادت جي موقعي تي مريض يا ڏکايل شخص جي سامهون پنهنجي چهري تي رنج ۽ غم جي ڪيفيت ظاهر ڪيو. * ڳالهه ٻولهه جو انداز هرگز اهڙو نه هجي جو مريض يا سندس عزيزن کي وسوسا اچن ته هي اسان جي پريشاني تي خوش ٿي رهيو آهي! * مريض وٽ وڃي ڪري طبعيت پڇو ۽ هن جي لاءِ صحّت ۽ عافيت جي دُعا ڪريو. * عِيادت ڪندي موقعي جي مناسبت سان مريض کي نيڪي جي دعوت به پيش ڪجي، خُصوصاً نماز جي پابندي جو ذهن ڏجي ڇو ته بيماري ۾ ڪيترائي نمازي به نمازن کان غافل ٿي ويندا آهن. * مريض جي ڀرسان گهڻي دير تائين نه ويهو ۽ نه گوڙ ڪيو ها جيڪڏهن بيمار پاڻ ئي دير تائين ويهارڻ جو خواهش مند آهي ته ممڪن هجي ته اوهان هن جي جذبن جو احترام ڪريو. ڪجھ ماڻهن جي عادت هوندي آهي ته مريض يا ان جي نمائندي سان ملندا آهن ته ڪجھ نه ڪجھ علاج ٻڌائيندا آهن ۽ ڪجھ ته مريض سان اصرار ڪندا آهن ته مان جيڪو علاج ٻڌائي رهيو آهيان اهو ڪري وٺو، فلاڻي دوا وٺو، صحيح ٿي ويندؤ! مريض کي گهرجي ته هرڪنهن جو ٻڌايل علاج نه ڪري، ڇوته غيرحڪيم جان لاءِ خطرو آهي، ڪنهن جو ٻڌايل علاج ڪرڻ کان پهريان پنهنجي طبيب کان مشورو ڪري وٺو. خبردار! جيڪي طبيب نه هجڻ باوجود علاج ٻڌائيندا رهندا آهن اهي هن کان رڪجي وڃن.
الله پاڪ اسان کي پاڻ ۾ اتفاق و اتحاد سان رهڻ، هڪٻئي جو غم ونڊڻ ۽ مريضن جي عيادت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
یہ مریض مَر رہا ہے تِرے ہاتھ میں شِفا ہے
اے طبیب! جلد آنا مَدنی مدینے والے