Mareez Ki Ayadat Kijiye

Book Name:Mareez Ki Ayadat Kijiye

ڪري ته مسلمان جو حق آهي ته ان کي جواب ڏي).

هتي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪا قيد ذڪر نه فرمائي.  *  پٽ سلام ڪري ته ان جو جواب ڏيڻو آهي.  *  والد سلام ڪري ته ان جو جواب ڏيڻو آهي  *  ڀاءَ سلام ڪري  *  پاڙيسري سلام ڪري.  *  عزيز سلام ڪري.  *  دوست سلام ڪري يا دشمن سلام ڪري.  *  جيڪو به مسلمان آهي، ڪلمو پڙهڻ وارو آهي، عاشق رسول آهي، اهو جڏهن به اسان کي سلام ڪندو، ته جيڪڏهن خدانخواسته ان سان ناراضگي به هلي رهي آهي، الله نه ڪري اسان ان کي دشمن به سمجهندا هجون، پوءِ به هڪ مسلمان جو ٻئي مسلمان تي حق آهي ته هُو پنهنجي مسلمان ڀاءَ جي سلام جو جواب ڏي. سامهون وارو جڏهن سلام ڪندو ۽ هي جواب ڏيندو ته جيڪڏهن پاڻ ۾ ناراضگي به هوندي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هن سلام ۽ جواب جي برڪت سان دوستي ۾ بدلجي ويندي.

سلام جو جواب ڪيئن ڏيون؟

بهرحال! پنهنجي مسلمان ڀاءَ جي سلام جو جواب ڏيڻ ڇا آهي؟ اسلامي حق آهي. ۽ هي جواب ڏيڻ ڪيئن آهي؟ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ اِذَا حُیِّیۡتُمۡ بِتَحِیَّۃٍ فَحَیُّوۡا بِاَحۡسَنَ مِنۡہَاۤ  اَوۡ رُدُّوۡہَا ؕ اِنَّ اللّٰہَ کَانَ عَلٰی کُلِّ  شَیۡءٍ  حَسِیۡبًا (۸۶)

ترجموڪنزالعرفان: جڏهن توهان کي ڪنهن لفظ سان سلام ڪيو وڃي ته توهان ان کان بهتر لفظ سان جواب ڏيو يا اهي ئي لفظ چئي ڇڏيو. بيشڪ الله هر شيءِ تي حساب وٺڻ وارو آهي.  (پارہ:5، النساء:86)

اهو هميشه ياد رکو! سلام ڪرڻ سُنت آهي ۽ ان جو جواب ڏيڻ واجب آهي. اسلامي سلام ۾ 3 الفاظ آهن:(1) اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ (2) وَرَحْمَۃُ اللہِ (3) وَبَرَکَاتُہ جيڪڏهن