Book Name:Teen Dost
فڪر جي لاءِ ڪافي آهي ۽ جنهن جا فڪر دنيا جي احوالن ۾ مشغول رهن ته الله پاڪ کي ان جي ڪا پرواھ نه آهي ته اهو ڪنهن وادي ۾ هلاڪ ٿي رهيو آهي.[1]
اي عاشقانِ رسول! غور جو مقام آهي! اسان کي کائڻو ڪٿان آهي؟ پائڻو ڇا آهي؟ صبح جو ته کائي ورتو، شام جو ڪٿان ايندو؟ مستقبل ڪيئن ٿيندو؟ پوڙهائپ ڪيئن گذرندي؟ ٻارن جو مستقبل ڪيئن هوندو؟ هڪ ڪاروبار ته هلي پيو آهي؟ هاڻي ٻيو ڪيئن هلندو؟ هڪ هنڌان چڱي آمدني ٿي رهي آهي، آمدني جا وڌيڪ ذريعا ڪيئن کوليا وڃن؟ ڪار، ڪوٺي، بنگلو ڪيئن ملندو؟ ڪاش! مان راتون رات امير ٿي وڃان وغيره وغيره هزار قسم جا فڪر اسان دل ۾ پالي رکندا آهيون، انهن فڪرن ۾صبح ٿيندي آهي، انهن فڪرن ۾ رات ٿيندي آهي ۽ زندگي ائين ئي تمام ٿيندي آهي. اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائي رهيا آهن: جيڪو ٻانهو اهڙا فڪر ڇڏي ڏي، صرف هڪ فڪر فڪرِ آخرت اپنائي وٺي ته مون کي قبر ۾، حشر ۾، پلصراط تي ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي، جنت ۾ وڃڻو آهي، الله پاڪ کي راضي ڪرڻو آهي، ڪيئن ڪري سگهندس؟ هي هڪ فڪر اپنائي، الله پاڪ ان جي سڀني فڪرن جي لاءِ ڪافي ٿي ويندو ۽ جيڪو ٻانهو هي هڪ فڪر نه اپنائي بلڪه دنياوي فڪرن ئي ۾ پيل رهي، الله پاڪ کي ڪجھ پرواھ ناهي ته اهو ڪهڙي وادي ۾ هلاڪ ٿئي ٿو.
غمِ روزگار میں تو مرے اشک بہہ رہے ہیں تِرا غم اگر رُلاتا تو کچھ اور بات ہوتی
نہ فُضول کاش! ہنستا، تری یاد میں تڑپتا مجھے چَین ہی نہ آتا تو کچھ اور بات ہوتی
یِہی آہ! فکرِ دُنیا مِرا دِل جَلا رہی ہے غمِ ہجر گر ستاتا تو کچھ اور بات ہوتی([2])