Book Name:Teen Dost
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط
اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ
نَـوَیْتُ سُنَّتَ الاعْتِکَاف (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
فَقِيۡہُ الۡعَصۡر (يعني پنهنجي وقت جا تمام وڏا عالم) حضرت علّامه مفتي محمد امين صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جنهن درودِ پاڪ جي فضيلت تي مشهور زمانه ڪتاب آبِ ڪوثر لکي آهي، پاڻ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري پيپلز ڪالوني (فيصل آباد، پنجاب،پاڪستان) کان هڪ سيد صاحب جنهن جو نالو سيد رياض هو، اهو مون وٽ تشريف کڻي آيو ۽ چيائين: منهنجو ڪاروبار هو، سڄو ختم ٿي ويو، هاڻي مون تي لکين روپيه قرض آهي، ڏاڍو پريشان آهيان، ڪجهه حل ٻڌايو!
مفتي امين صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون شاهه صاحب کي درود پاڪ تي لکيل ڪتاب آبِ ڪوثر عطا ڪيو ۽ چيو: شاهه صاحب!اوهان هي ڪتاب پڙهو ۽ هن جي مطابق عمل ڪيو!ان جي برڪت سان اوهان جا ڪيئي مسئلا حل ٿي ويندا.
شاهه صاحب ڪتاب ورتو ۽ هليو ويو پوءِ تقريبًا ڇهن مهينن کان بعد وري تشريف کڻي آيو، هن ڀيري ڏاڍو خوش هو، چهري تي رونق هئي، شاهه صاحب وڏي خوشي سان ٻڌايو ته منهنجي ذمي 7 لک قرض هو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! هاڻي صرف ڏيڍ لک رهجي ويو آهي.
هي قرض ڪيئن لٿو! ان جي تفصيل ٻڌائيندي فرمايائين: ٿيو ائين جو مون آبِ ڪوثر پڙهي، ان ۾ درودِ پاڪ جا فضائل پڙهي ڪري مون کي شوق پيدا ٿيو ۽