Teen Dost

Book Name:Teen Dost

آهن جڏهن ته ميزان ۾ هڪ هزار آهن[1]. * حضرت سعد بن ابي وقاص رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا ته اسان جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حاضر هئاسين ته پاڻ فرمايائون: ڇا توهان مان ڪو روزانو هڪ هزار نيڪيون ڪمائڻ کان عاجز آهي؟ حاضرين مان هڪ شخص عرض ڪيو: اسان مان ڪو هڪ هزار نيڪيون ڪيئن ڪمائي سگهي ٿو؟  فرمايائون: جيڪڏهن اهو 100 ڀيرا تسبيح (يعني سُبْحٰنَ اللّٰہِ) چئي ته ان جي لاءِ هڪ هزار نيڪيون لکيون وينديون آهن يا هڪ هزار گناھ مٽايا ويندا آهن.[2]

ذکر و درود ہر گھڑی وِردِ زباں رہے                                                                               میری فضول گوئی کی عادت نکال دو ([3])

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

(3)؛ تلاوت ڪرڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! تلاوت ڪرڻ به آسان نيڪين مان اهم ترين نيڪي آهي. قرآنِ پاڪ جو هڪ حرف پڙهڻ تي 10 نيڪين جو ثواب ملندو آهي، تمام مشهور حديث پاڪ آهي: جيڪو شخص الله پاڪ جي ڪتاب جو هڪ حرف پڙهندو، ان کي هڪ نيڪي ملندي جيڪا 10 نيڪين جي برابر هوندي. مان اهو نٿو چوان ته الٓمّٓ هڪ حرف آهي، بلڪه اَلف هڪ حرف، لام هڪ حَرۡف ۽ ميم هڪ حرف آهي. [4]

ٿورو غور ڪيو! جيڪو خوش نصيب صرف الٓمّٓ جي تلاوت ڪري ته ان جي اعمالنامي ۾ ڪجھ سيڪنڊن ۾ 30 نيڪين جو اضافو ٿي ويندو آهي ته قرآن پاڪ جي هڪ سورت يا هڪ رڪوع پڙهڻ جو ڪيترو ثواب ملندو..! هر


 

 



[1] ابن ماجہ ، کتاب اقامۃ الصلاۃ ...الخ، باب ما یقال بعد التسلیم، صفحہ:154، حدیث:926بتغیرقلیل

[2] مسلم، کتاب الذکر و الدعاء...الخ، باب فضل التھلیل...الخ، صفحہ:1039، حدیث:2698۔

[3]...وسائلِ بخشش، صفحہ:305۔

[4] ترمذی ، کتاب فضائل القرآن، باب ماجاء فی من قرا...الخ، صفحہ:676، حدیث:2910۔