Teen Dost

Book Name:Teen Dost

پر افسوس! ايتري آسانين جي باوجود به اسان غفلت جو شڪار رهندا آهيون. بيان ڪيل حديث شريف ۾ آذان جي جواب جي جيڪا فضيلت بيان ٿي آهي اُن جي تفصيل ملاحظه فرمايو: اللہُ اَکْبَرْ  اللہُ اَکْبَرْ  هي ٻه ڪلما آهن اهڙي طرح سڄي آذان ۾ 15 ڪلما آهن. جيڪڏهن ڪا اسلامي ڀيڻ هڪ آذان جو جواب ڏي يعني مؤذن جيڪو چوندو وڃي اسلامي ڀيڻ به دهرائيندي وڃي ته اُن کي 15 لک نيڪيون ملنديون، 15 هزار درجا بلند ٿيندا 15 هزار گناھ معاف ٿيندا ۽ اسلامي ڀائرن جي لاءِ اهو سڀ ٻيڻو آهي. فجر جي آذان ۾ ٻه ڀيرا اَلصَّلٰوۃُ خَیْرٌ مِّنَ النَّوْمِ آهي ته فجر جي آذان ۾ 17 ڪلما ٿيا ۽ ايئن فجر جي آذان جي جواب ۾ 17 لک نيڪيون، 17 هزار درجن جي بلندي ۽ 17 هزار گناهن جي مُعافي ملي ۽ اسلامي ڀائرن جي لاءِ ٻيڻو آهي. اِقامت ۾ 2 ڀيرا قَدْ قَامَتِ الصّلاۃُ  به آهي ايئن اِقامت ۾ به 17 ڪلما ٿيا ته اِقامت جي جواب جو ثواب به فجر جي آذان جي جواب جيترو ٿيو. مطلب ته جيڪڏهن ڪو اسلامي ڀاءَ اهتمام سان روزانو 5 نمازن جي آذانن ۽ 5 اِقامتن جو جواب ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته ان کي 3 ڪروڙ 24 لک نيڪيون ملنديون، 3 لک 24 هزار درجا بلند ٿيندا ۽ 3 لک 24 هزار گناھ مُعاف ٿيندا.

اَذان جو جواب ڏيڻ وارو جنّتي ٿي ويو

 حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ صاحب جن جو بظاهر ڪو وڏو نيڪ عمل نه هو، اهو وصال ڪري ويو ته اسان جي آقا و موليٰ مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي موجودگي ۾ فرمايو: ڇا توهان کي معلوم آهي ته الله پاڪ ان کي جنت ۾ داخل ڪري ورتو آهي. اُن تي صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم کي حيرت ٿي ڇوته بظاهر انهن جو ڪو وڏو عمل نه هو. جيئن ته هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه انهن جي گهر ويا ۽ انهن جي بيوه کان پڇيو