Teen Dost

Book Name:Teen Dost

قبر جو بسترو ۽ وهاڻو

 الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ مَنْ عَمِلَ صَالِحًا  فَلِاَنْفُسِہِمْ  یَمْہَدُوْنَ (۴۴)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جيڪي چڱا ڪم ڪن اهي پنهنجي ئي لاءِ تياري ڪري رهيا آهن. (پارہ:21، الروم:44) 

 هن آيت جي حوالي سان علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: اسان جا اعمال اسان جي قبر جو بسترو آهن، قبر ۾ ڪو دنياوي بسترو ناهي، اتان جو بسترو ۽ وهاڻو اسان جا اعمال ئي آهن، چاهي اهي چڱا هجن يا بُرا.[1]

قبر روزانہ یہ کرتی ہے پکار                                                                                                    مجھ میں ہیں کیڑے مکوڑے بےشُمار

یاد رکھ میں ہوں اندھیری کوٹھڑی                                                                                 تجھ کو ہوگی مجھ میں سُن وَحشت بڑی

میرے اندر تُو اکیلا آئے گا                                                                                            ہاں مگر  اعمال  لیتا  آئے  گا([2])

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

قبر جو ساٿي عمل آهي

حضرت يزيد رقاشي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون کي اها ڳالھ پهتي آهي ته جڏهن ميّت کي قبر ۾ رکيو ويندو آهي ته ان جا عمل ان کي گهيري وٺندا آهن، پوءِ الله پاڪ انهن اعمالن کي ڳالهائڻ جي سگهه عطا فرمائيندو آهي. اهي اعمال چوندا آهن: اي قبر ۾ تنها رهڻ وارا شخص! تنهنجا سڀئي دوست ۽ اهل و عيال پوئتي رهجي ويا، اڄ توهان جا دوست صرف اسان ئي آهيون. هي چئي


 

 



[1] مجموع رسائل الحافظ ابن رجب الحنبلی، جزء فیہ الکلام علی حدیث یتبع المیت ثلاث، صفحہ:431

[2]...وسائلِ بخشش، صفحہ:711۔