Book Name:Teen Dost
ڪريو، پاڻ به قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪريو ۽ ٻين کي به قرآنِ پاڪ پڙھڻ، ٻڌڻ جي ترغيب ڏياريو۔
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[1]
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جڏهن ٻانهو پنهنجي کاڌي ۾ گهٽتائي ڪندو آهي ته ان جو سينو نور سان ڀريو ويندو آهي.[1]
اي عاشقانِ رسول!! گهٽ کائڻ سنّت آهي * اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بک کان گهٽ کائيندا هئا * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيستائين دنيا ۾ تشريف فرما رهيا، ڪڏهن به لاڳيتو 2 راتيون پيٽ ڀري نه کاڌائون * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بکَ جي سبب پيٽ تي پٿر ٻڌندا هئا.
کاڌي جي مقدار جي باري ۾ احڪام:
* بُکَ کان گهٽ کائڻ سنّت آهي * جيتري بُک آهي، اوترو کائي وٺڻ مباح آهي (يعني ان ۾ نه گناھ، نه ثواب) * پيٽ ڀري ڪري اوترو کائڻ جو پيٽ