Teen Dost

Book Name:Teen Dost

ويو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي ويجهو سڀني کان افضل درجي وارا ڪهڙا ماڻهو هوندا؟ ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: الله پاڪ جو ڪثرت سان ذڪر ڪرڻ وارا.[1]

ذِڪۡرُ الله جا ڪجھ آسان طريقا

پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! ذِڪۡرُالله جا ڪيترا فضائل آهن. اسان کي روزانو ڪجھ نه ڪجھ ذڪر اذڪار جي به عادت بڻائڻ گهرجي، مثلاً * صبح و شام سؤ سؤ ڀيرا سُبْحٰنَ اللہ پڙهڻ جي عادت بڻايو! حديث پاڪ جي مطابق جيڪو صبح ۽ شام سؤ سؤ ڀيرا سُبْحٰنَ اللہ پڙهي، اهو سؤ حج ڪرڻ واري جيان آهي.[2]

* اهڙي طرح ڪلمو طيب لَا ٓاِلٰہَ اِلَّا اللّٰہ پڙهڻ جي عادت بڻايو! روايتن ۾ آهي: جيڪو انسان ڏينهن يا رات جي ڪنهن گهڙي ۾ لَا ٓاِلٰہَ اِلَّا اللّٰہ چئي ٿو ته ان جي اعمالنامي مان برائيون مٽائي ڪري ان جي جاءِ تي اوتريون ئي نيڪيون لکيون وينديون آهن.[3] * حديث شريف ۾ آهي: 2 عادتون اهڙيون آهن جيڪو انسان انهن تي هميشگي اختيار ڪندو جنت ۾ داخل ٿيندو، هي ٻئي ڪم آهن ته تمام آسان پر اُن تي عمل ڪرڻ وارا ماڻهو تمام گهٽ آهن. توهان مان ڪو هر نماز کان بعد 10 ڀيرا سُبْحٰنَ اللہ، 10 ڀيرا اَلۡحَمۡدُلِلّٰھ ۽ 10 ڀيرا اَللّٰہُ اَکْبَر پڙهندو ڪري ته هي(پنجن ئي نمازن جي حساب سان) زبان تي 150 ڪلما آهن جڏهن ته ميزان ۾ 15 سؤ آهن. پوءِ جڏهن اهو پنهنجي بستر جي طرف اچي ته 33 ڀيرا سُبْحٰنَ اللہ!، 33 ڀيرا اَلۡحَمۡدُلِله ۽ 34 ڀيرا اَللّٰہُ اَکْبَر چئي، هي زبان تي ته 100 الفاظ


 

 



[1] ترمذی، کتاب الدعوات، صفحہ:778، حدیث:3376۔

[2] ترمذی ، کتاب الدعوات ، صفحہ:797، حدیث:3471۔

[3] مسند ابی یعلی، مسندالزھری عن انس، جلد:3، صفحہ:189، حدیث:3611۔