Book Name:Teen Dost
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪاش! اسان هن حقيقت کي هاڻي کان تسليم ڪيون ۽ آخرت جي فڪر ڪرڻ وارن، نيڪ اعمال جي لاءِ وقت ڪڍڻ وارا بلڪه وڌ کان وڌ وقت نيڪين ۾ گذارڻ وارا بڻجي وڃون. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
اَلۡحَمدُلله! رَجَب شريف جي آمد ٿي چڪي آهي، رجب نهايت بابرڪت ۽ عزّت ۽ حُرمت وارو مهينو آهي. جنتي صحابي حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: رجب شريف جو مهينو ايندو هو ته الله پاڪ جا آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هي دعا گهرندا هئا: اَللّٰہُمَّ بَارِکْ لَنَا فِی رَجَب وَّ شَعْبَان وَبَلِّغْنَا رَمَضَان يعني ياالله! اسان جي لاءِ رجب ۽ شعبان ۾ برڪتون عطا فرماءِ ۽ اسان کي رمضان تائين پهچاءِ.([1]) اچو! اسان به هيءَ دعا پڙهون ٿا:
اَللّٰہُمَّ بَارِکْ لَنَا فِی رَجَب وَّ شَعْبَان وَبَلِّغْنَا رَمَضَان
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
مشهور مفسرحڪيم الاُمت، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: هن دعاءِ مصطفيٰ(صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جو مطلب هي آهي ته اي الله پاڪ! رجب ۾ اسان جي عبادتن ۾ برڪت ڏي ۽ شعبان ۾ خشوع و خضُوع عطا ڪر ۽ رمضان کي ماڻڻ، اُن ۾ روزا رکڻ، راتن جو عبادت ڪرڻ نصيب فرماءِ. صوفي سڳورا رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم فرمائن ٿا: رجب ٻج پوکڻ جو مهينو آهي، شعبان پاڻي ڏيڻ جو ۽ رمضان فصل ڪٽڻ جو، تنهنڪري رجب جي مهيني ۾ نفلن جي خوب ڪوشش ڪريو، شعبان ۾ پنهنجي گناهن تي رُئو ۽ رمضان ۾